هن وقت دنيا سميت پاڪستان ۾ سياسي هم آهنگي جي سخت ضرورت آهي: آغا سراج دراني
حيدرآباد : سنڌ جي مڪاني ادارن واري کاتي جي وزير آغاسراج دراني چيو آهي ته صدر پاڪستان جناب آصف علي زرداري جي خاص هدايتن تحت سنڌ صوبي جي ضلعن ۾ قبضاخورن جي روڪٿام لاءِ اينٽي انڪروچمينٽ ڪميٽين جي جوڙجڪ لاءِ سنڌ اسيمبلي پاران قانون منظور ڪيو ويو آهي جنهن لاءِ الڳ پوليس فورس پڻ رکي ويندي ته جيئن زمينن تي قبضو ۽ جعلي دعويدارن خلاف ڀرپور ڪاررائي عمل ۾ آڻي سگهجي _ان ڪميٽي ۾ ايم پي ايز ، ڊي سي اوز ، ڊي پي اوز ۽ لاڳاپيل عملدار ميمبر طور شامل هوندا جڏهن ته صوبائي وزير آغاسراج دراني پاڻ ان ڪم جي نگراني ڪندو _ اها ڳالهه هن اڄ صبح سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي ڄامشورو جي گورننگ باڊي جي گڏجاڻي ۽ شهباز ورڪرز يونين پاران سندس مان ۾ ڏنل آجياڻي واري تقريب کي خطاب دوران چئي _ ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جوميمبر ڊاڪٽر سڪندر علي شورو، نذهت پٺاڻ ،سيڪريٽري مڪاني ادارا علي احمد لنڊ ، ڊي سي او ڄامشورو ناصر عباس سومرو ، ڊائريڪٽر جنرل ايس ڊي اي ڊاڪٽر اصغر عباس شيخ ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا. صوبائي وزير مڪاني ادارا آغاسراج دراني پنهنجي خطاب ۾ ايس ڊي اي جي ڪچن ملازمن کي پڪو ۽ نون ملازمن کي ريگيولر ڪرڻ کان علاوه صحافي برادري ۽ ملازمن لاءِ هائوسنگ سوسائٽي جو اعلان ڪندي چيو ته موجوده جمهوري حڪومت پاڪستان پيپيلزپارٽي جي شهيد قائدين جي ڏنل عوامي منشورن ۽ پاليسين تي گامزن آهي ۽ مرحليوار ماڻهن کي گهربل سهولتون فراهم ڪري رهي آهي .هن چيو ته سنڌ جي سمورن ريجنن ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي متحرڪ ڪيو ويو آهي ۽تمام جلد ٻين ضلعن ۾ پڻ ان جون آفيسون قائم ڪيون وينديون _ هن چيو ته موجوده حڪومت محترمه شهيد بينظير ڀٽو پاران ريڪنسيليشن پاليسي تي يقين رکندي قدم کڻي رهي آهي ته جيئن سياسي ماحول کي وڌيڪ خوشگوار بڻائي سگهجي ڇاڪاڻ ته هن وقت دنيا سميت پاڪستان ۾ سياسي هم آهنگي جي سخت ضرورت آهي ته جيئن ملڪ عالمي سطح تي مستحڪم ۽ ترقي جون منزلون طئه ڪندو رهي. هن چيو ته سياست ۾ ناراضگيون معمول جو حصو هونديون آهن ۽ اتحادي جماعتن جي خدشن کي ختم ڪندي منزل ڏانهن اڳيان وڌندا وينداسين _ آجياڻي واري تقريب کي ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر علي شورو ،ڊائريڪٽر جنرل اصغرعباس شيخ، ورڪرزيونين جي چيئرمين عبدالله جمالي ، صدر راجا خان پالاري ۽ ٻين به خطاب ڪيو _ ان کان اڳ سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي سالياني گورننگ باڊي جي گڏجاڻي منعقد ٿي جنهن بعد صحافين کي تفصيل ٻڌائيندي صوبائي وزير مڪاني ادارا چيو ته اٿارٽي جي وسيع تر رٿابندي تحت،علائقي کي ترقي ڏياري ويندي ۽ اڳوڻي رٿائن جي تڪميل کان علاوه نيون رٿائون پڻ تيار ڪيون پيون وڃن ته جيئن ڪراچي کان سيوهڻ تائين ماڻهن کي گهربل سهولتون مهيا ڪري سگهجن.