خيبر پختون خوا

مهراڻ بيس واقعي جو ماسٽر مائينڊ الياس ڪاشميري ڏکڻ وزيرستان ۾ آمريڪي ڊرون حملي ۾ مارجي ويو

Ilyas Kashmiriوانا(م ڊ) ڪراچي ۾ پي اين ايس مهراڻ بيس تي حملي جو ماسٽر مائينڊ الياس ڪاشميري ڏکڻ وزيرستان ۾ آمريڪي ڊرون حملي ۾ مارجي ويو، پابندي مڙهيل تنظيم حرڪت جهاد اسلامي الياس ڪاشميري جي مارجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، تنظيم جي ترجمان ابو حنظله پاران ميڊيا کي هڪ خط موڪليو ويو آهي، جنهن ۾ الياس ڪاشميري جي مارجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، ان کان اڳ برطانوي ٽي وي کي چيو آهي ته آمريڪا کان ان جو بدلو وٺنداسين. وزيرستان ۾ آمريڪي ڊرون حملي ۾ الياس ڪاشميري جي مارجڻ جي خبر نشر ڪئي، ذريعن موجب الياس ڪاشميري 10 ڏينهن اڳ خيبر ايجنسي مان وانا آيو هو ۽ حملي کان اڌ ڪلاڪ اڳ ٺٽائي جي علائقي پهتو هو ۽ ساٿين سان گڏجي چانهه پي رهيو هو ته آمريڪي ڊرون حملو ڪيو ويو، برطانيه اهڙي خبر جي ترديد ڪري ڇڏي هئي، جڏهن ته سرڪاري ذريعن به الياس ڪاشميري جي مارجڻ جي تصديق ناهي ڪئي. وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جلالپور ۾ جلسي کي خطاب ڪرڻ دوران سوال پڇڻ تي ٻڌايو ته کيس الياس ڪاشميري جي مارجڻ جا اطلاع ناهن مليا، اسان بهتر ڄاڻون ٿا ته مهراڻ بيس حملي جي معاملي تي ڇا ڪرڻو آهي. ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته ڏکڻ وزيرستان ۾ آمريڪي ڊرون حملي ۾ الياس ڪاشميري جي گروپ جا 4 اهم ڪمانڊر مارجي ويا آهن ۽ هڪ زخمي ٿيو آهي، مارجي ويلن ۾ ابراهيم، فاروق، امير احمد ۽ عثمان شامل آهن ۽ عمران زخمي ٿيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button