ملڪ جو عوام اڄ به پ پ پ سان گڏ آهي: صوبائي وزير
حيدرآباد: پاڪستان پيپلز پارٽي حيدرآباد پاران شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 58 هين سالگره جي موقعي تي کيس زبردست خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ اڄ ضلعي ڪائونسل حيدرآباد ۾ قرآن خواني جو اهتمام ڪيو ويو جڏهن ته سالگره جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو _ بعد ۾ پ پ پ جي مقامي اڳواڻن ، ڪارڪنن ۽ شهرين پنهنجي رت جو عطيو ڏئي شهيد محترمه سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪندي سندس مشن کي جاري رکڻ جو عزم ڪيو ان موقعي تي ماهيگيري واري صوبائي وزير زاهد علي ڀرڳڙي پنهنجي خطاب ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ملڪ جي مظلوم طبقي لاءِ ڪيل جدوجهد ۽ قرباني تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته ملڪ جو عوام اڄ به پ پ پ سان گڏ آهي جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ اندر اڄ جمهوي حڪومت ڪاميابي سان هلي رهي آهي هن چيو ته اها شهيد محترمه جي ئي سوچ ۽ مشن آهي جو پ پ پ صدر مملڪت جناب آصف علي زرداري جي اڳواڻي ۾ ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿيندي پئي وڃي _ هن چيو ته اسان ڪڏهن به شهيد محترمه جي خون کي رائيگان ٿيڻ نه ڏينداسين هن چيو ته محترمه اڄ به زنده آهي ۽ اسان ۾ موجود آهي ڇاڪاڻ ته شهيد هميشه زنده هوندا آهن ان موقعي تي پ پ پ اڳواڻن امان الله سيال، الهه بچايو سومرو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪندي شهيد محترمه بينظيرڀٽو جي جدوجهد تي تفصلي روشني وڌي.