حيدر آباد

مخالف جمهوريت خلاف سازشون ڪرڻ بدران ايندڙ چونڊن جو انتظار ڪن: مولا بخش چانڊيو

Mola Bux Chandio
وفاقي وزير قانون مولا بخش چانڊيو ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسئيشن کي خطاب ڪررھيو آھي
حيدرآباد : وفاقي وزير قانون مولابخش چانڊيو چيو آهي ته ملڪ کي درپيش بحرانن ۽ مسئلن جو حل صرف جمهوريت ئي آهي ۽ اهي ماڻهو جيڪي جمهوريت خلاف سازشون سٽي رهيا آهن اهي ملڪ ۽ قوم جا خيرخواهه نه آهن . اها ڳالهه هن اڄ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد جي آڊيٽوريم ۾ بار جي ميمبرن کي خطاب ڪندي چئي _ وفاقي وزير مخالفن کي صلاح ڏني ته هو جمهوريت خلاف سازشون ڪرڻ بدران ايندڙ چونڊن جو انتظار ڪن . هن حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته ڪجهه سياسي پارٽيون پ پ پ جي حڪومت ڪيسيتائين رهندي بابت معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ نجومين جون خدمتون پڻ حاصل ڪيون آهن . هن چيو ته تاريخ شاهد آهي ته جمهوريت خاطر پ پ پ ئي هميشه ايوب کان وٺي پرويز مشرف تائين سمورن آمرن جو مقابلو ڪندي پنهنجن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي جانين جو نذرانو پيش ڪيو آهي پر پربدقسمتي سان پاڪستان پيپلزپارٽي کي هميشه بحرانن دوران ملڪ جو اقتدار مليو آهي .هن چيو ته پ پ پ هميشه ملڪ کي بحرانن مان ڪڍي ترقي طرف گامزن ڪيو آهي.هن چيو ته اهي ماڻهو جيڪي پاڻ کي جمهوريت جو چيمپيئن سمجهندا آهن انهن آمرن خلاف هڪ به تحريڪ شروع نه ڪئي بلڪه ڊرائنگ روم ويهي سياست ڪئي يا وري معاهدي تحت ملڪ ڇڏي هليا ويا ۽ بعد ۾ هو ان ڳالهه تان ڦري ويا ته ڪو به معاهدو طئه ٿيو هو پر عوام کي خبر پوڻ کانپوءِ هن چيو ته اهو معاهدو 10 سالن جو نه پر ٽن سالن جو ٿيو هيو _ هن چيو ته ان کانپوءِ اڳواڻن پنهنجون غلطيون تسليم ڪندي ميثاق جمهوريت تحت ان ڳالهه کي تسليم ڪيو ته ان دور جي حڪومت ۾ پ پ پ تي ڪوڙا ڪيس مڙهيا ويا هئا ۽ اهو به واعدو ڪيو ويو هو ته اڳتي اهڙي قسم جون ڪارروايون نه ڪيون وينديون پر بدقسمتي سان هاڻي اهي ماڻهو هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙن ڪيسن جو حوالي ڏئي رهياآهن جن تي اهي اڳواٽ معافي گهري چڪا آهن هن چيو ته پ پ پ هڪ عوامي ۽ جمهوري پارٽي آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو جمهوري ادارا مستحڪم ٿي رهيا آهن . هن چيو ته ملڪ جي تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو آهي جو ايوان صدر ۾ جمهوريت خلاف ڪا به سازش نه ٿي رهي آهي بلڪه اتان کان جمهوري ادارن کي مستحڪم ڪيو پيو وڃي جنهن جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته ايوان صدر پنهنجاسمورا پارليامينٽري اختيارات پارليامينٽ کي منتقل ڪري ڇڏيا آهن .هن چيو ته اڄ اسان وٽ هڪ جمهوري صدر آهي جنهن چار ڀيرا پارليامينٽ کي خطاب ڪيو . هن چيو ته اسان سپريم ڪورٽ سميت ڪنهن به اداري جي خلاف نه آهيون جنهن جو اندازو پڻ ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته اسان هميشه سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي مخالفت ڪرڻ بدران فيصلي تي نظرثاني جي اپيل ڪئي آهي .هن چيو ته اسان عدليه جي آزادي تي يقين رکون ٿا ۽ ان ڏس ۾ پ پ پ ڪيتريون ئي قربانيون به ڏنيون آهن .هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي دور کي نظر ۾ رکندي ان ڳالهه جو انداوز لڳائي سگهجي ٿو ته وٽن اقتدار هجي ها ته اهي آزاد عدليه برداشت نه ڪن ها. هن چيو ته مونکي فخر آهي ته منهنجو تعلق به وچولي خاندان سان آهي ۽ وفاداريون پ پ پ سان گڏ آهن ۽ مان ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد جو ميمبر پڻ آهيان. هن چيو ته جوڊيشل ڪائونسل جي ميمبر جي حيثيت سان مون هميشه ننڍن صوبن جي عوامي مسئلن جي حل ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ چيو ته جوڊيشل ڪائونسل پاران به هميشه ننڍن صوبن جي عوام جي مسئلن جي حل ۾ مثبت پيش رفت ٿي آهي .ان موقعي تي هن ڊسٽرڪٽ بار ڪائونسل حيدرآباد لاءِ 30 لک رپين جي گرانٽ جو چيڪ ڏنو ۽ حيدرآباد بار ايسوسئيشن جي لاءِ 2 ملين رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو . ان کان اڳ حيدرآباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر الهه بچايو سومرو ۽ حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر جناب نثار احمد دراني وفاقي وزير قانون جي خدمتن کي ساراهايو ۽کيس پنهنجن مسئلن بابت آگاهي ڏني .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button