گھوٽڪي

ماڇڪو بند تي مرمت جو ڪم تيز رفتاري سان هلي رهيو آهي: ڊي سي او گهوٽڪي

DCO GHOTKI1گهوٽڪي : ڊي سي او گهوٽڪي زاهد علي عباسي گهوٽڪي ضلعي جي ميڊيا سان گڏ ضلعي جي مختلف بندن جنهن ۾ ماڇڪو بند، رونتي بند، قادرپور لوپ بند، شينڪ بند، گيمڙو بند ۽ ايل ايم بند جو تفصيلي دورو ڪيو. ان موقعي تي ڊي سي او ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ماڇڪو بند جي ڊيگهه 10 ڪلوميٽر آهي جنهن مان 7 ڪلوميٽر بند پنجاب صوبي جي حد ۾ اچي ٿو جڏهن ته باقي 3 ڪلوميٽر بند ضلعي گهوٽڪي ۾ آهي جنهن تي مرمت جو ڪم تيز رفتاري سان هلي رهيو آهي ان بند کي موجوده صورتحال کان 3 فوٽ مٿي ڪيو پيو وڃي ۽ 20 فوٽ ويڪرو بڻايو ويندو جڏهن ته هي بند ٻي پرائٽي ۾ آهي جنهن جو ڪم 15 جولاءِ تائين مڪمل ٿي ويندو باقي پنجاب واري 7 ڪلوميٽر بند تي ڪم سست رفتاري سان هلي رهيو آهي ان سلسلي ۾ اسان جا جيڪي آبزرويشن آهن اهي چيف سيڪريٽري سنڌ ڏانهن اماڻيا ويندا ته جيئن هو پنجاب حڪومت سان لهه وچڙ ۾ اچي بند تي هلندڙ ڪم جلد از جلد مڪمل ڪرائي سگهي. هن ٻڌايو ته فلڊ ڪميشن جي هدايتن باوجود اڃا تائين رحميار خان ضلعي جي حد ۾ ايندڙ زمينداري بند کي ختم ناهي ڪيو ويو جنهن جو ڪجهه حصو گهوٽڪي ۾ به آهي ان سلسلي ۾ پي ڊي ايم اي کي چيو ويو آهي ته هو زمينداري بند کي ختم ڪرائڻ لاءِ پنجاب حڪومت سان لهه وچڙ ۾ اچن جڏهن ته بند کي مختل هنڌن تان 22 ڪٽ ڏنا ويا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ضلعي جي سموري بندن جي نگراني پهرين جولاءِ کان شروع ڪئي ويندي ان سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ڪمپليڪس ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويندو ڇو ته ضلعي حڪومت گهوٽڪي گذريل ٻوڏ ۾ به 24 ڪلاڪ چوڪس رهي ۽ هن ڀيري به امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ چوڪس آهي ۽ بندن جي نگراني ڪري رهي آهي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر سيڊا انور سيال ڊي سي او کي بندن جي ڪم متعلق تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ضلعي گهوٽڪي ۾ 88 ڪلوميٽر دريائي بند آهن جن تي تيزي سان مرمتي ڪم هلي رهيو آهي جڏهن ته قادپور لوپ بند واحد حساس بند آهي جنهن کي پڻ مضبوط ڪيو پيو وڃي ان موقعي تي ڊي سي او ڊائريڪٽر سيڊا کي چيو ته فوري طور تي بندن جو مرمتي ڪم مڪمل ڪرايو وڃي ۽ حساس بند کي اسٽون پچنگ ذريعي مضبوط ڪري مٿي ڪيو وڃي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button