لاڙ ۾ پاڻيءَ کوٽ برقرار ، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل متاثر،آبادگارن جو احتجاج
بدين: لاڙ ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي، جڏهن ته آبپاشي کاتي جي عملدارن پاران اڄ خيرپور گنبو سب ڊويزن جي 8 شاخن ۾ پاڻي ڇڏڻ جي خاطري باوجود شاخن ۾ اڃا تائين پاڻي نه ڇڏيو ووي اهي، آبپاشي کاتي ڏسو صفحو3 نمبر 33 نصير سب ڊويزن جي انجينئر مير غلام علي ٽالپر ۽ روهڙي ڪئنال جي سپرنٽينڊنٽ انجنيئر عبدالعزيز جوڻيجي گذريل ڏينهن ملڪاڻي شريف ويجهو ٽن ڏينهن کان ڌرڻو هڻي ويٺل آبادگارن سان ڳالهيون ڪري لاڙ جي 8 شاخن ۾ اڄ پاڻي ڇڏڻ جي خاطري ڪرائي هئي، جنهن کانپوءِ آبادگارن پاران ڌرڻو ختم ڪيو ويو هو، آبپاشي کاتي جي ٻنهي عملدارن جي آبادگارن کي خاطري ڪرائي هئي، جرڪس شاخ، کوسڪي، سانگي، آچل پور، بسران ۽ ٻنگار شاخ سميت لاڙ جي 8 شاخن ۾ اڃا تائين پاڻي نه پهتو آهي ۽ لاڙ جي ڪتيرن ئي واهن ۽ شاخن ۾ گذريل ٻن مهينن کان پاڻي کوٽ برقرار آهي، آبادگارن سيد عطاءَ الله شاهه، منظور چانڊيو ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته نصير ڊيوزن جي انجنيئر مير غلام علي ٽالپر ۽ روهڙي ڪئنال جي سپرنٽينڊنٽ انجنيئر عبدالعزيز جوڻيجي کين گذريل ڏينهن ڳالهين دوران خاطري ڪرائي هئي ته شاخن ۾ اڄ پاڻي ڇڏيو ويندو پر شاخن جي 8 فوٽ گيج ۾ رڳو 3 فوٽ پاڻي بيٺل آهي، آبادگارن جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن شاخ ۾ جلد پاڻي نه ڇڏيو ويو ته هو ٻيهر احتجاجي ڌرڻن جو هڪ ڊگهو سلسلو شروع ڪندا، جيڪو شاخ ۾ پاڻي پهچائڻ تائين جاري رهندو
مانيٽرنگ ڊيسڪ