طارق عالم ابڙو جي علاج جون 70 سيڪڙو گهرجون سنڌ حڪومت پاران پوريون ڪيون ويون هيون: عقيلي
حيدرآباد : سنڌ جي ثقافت کاتي واري سيڪريٽري جناب عبدالعزيز عقيلي چيو آهي ته سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ طارق عالم ابڙو جو انڊيا ۾ علاج ڪرڻ واسطي 70 سيڪڙو گهرجون سنڌ حڪومت پاران پوريون ڪيون ويون هيون پر بدقسمتي سان وقت کيس زنده رهڻ جو موقعو نه ڏنو .اها ڳالهه هن اڄ سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ۾ مرحوم طارق عالم ابڙو جي رهائشگاهه وٽ مرحوم جي خاندان سان تعزيت ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ ثقافت کاتي واري صوبائي سيڪريٽري چيو ته مرحوم طارق عالم ابڙو جو ٻاهرين ملڪ علاج ڪرائڻ لاءِ درخواست ملڻ شرط ئي ثقافت کاتي پاران امدادي (اينڊومينٽ ) فنڊ مان 15 لک روپين جي گرانٽ منظور ڪري 16 اپريل 2011 تي مرحوم جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪري ڇڏي هئي ۽ بعد ۾ 5 لک رپين جي اضافي رقم به کيس کاتي جي ليجنڊ فنڊ مان ڏني وئي هئي .هن چيو ته مرحوم جي علاج لاءِ سنڌ جي ثقافت کاتي پاران روزاني ڊان ڪراچي جي سهڪارسان مرحوم جي علاج لاءِ سرندي وارن کان امداد جي اپيل پڻ ڪئي وئي هئي جنهن جي موٽ ۾ ڪافي ماڻهن خاطرخواهه رقم سندس علاج لاءِ عطيي طور ڏني. هن چيو ته ان کان علاوه مرحوم جي علاج لاءِ باقي رهيل 7 لک رپين واسطي سنڌ جي وڏي وزير کي هڪ سمري ارسال ڪئي وئي جنهن کي سنڌ جي وڏي وزير بنا جهجڪ جي منظور ڪري ڇڏي هئي .اهڙي طرح صوبائي حڪومت مرحوم جي علاج جي واسطي 70 سيڪڙو کان وڌيڪ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري چڪي هئي ۽ جيڪڏهن وقت اجازت ڏي ها ته ٿورڙي ئي وقت اندر مرحوم جو علاج ممڪن بڻائي سگهجي ها. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ عبدالعزيز عقيلي چيو ته موجوده حڪومت پهرين حڪومت آهي جنهن ناليوارن اديبن ، شاعرن ۽ فنڪارن جي علاج واسطي گهربل فوري مدد فراهم ڪرڻ لاءِ انڊورمينٽ فنڊ قائم ڪري هڪ موثر طريقيڪار واضح ڪيو آهي . هن چيو ته ان ڏس ۾ سال 2011_2010 ۾ ڪل 15 ملين رپيا انڊورمينٽ فنڊ ۾ رکيا ويا جنهن مان هن وقت تائين 21 اديبن ، شاعرن ۽ فنڪارن کي 80 لک رپين کان وڌيڪ امدادي رقم ڏني وئي آهي. هن چيو ته طارق عالم ابڙو لاءِ منظور ڪيل 15لک رپين جي رقم صوبائي حڪومت جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌي رقم آهي جيڪا ڪنهن هڪ اديب کي ڏني وئي هجي . هن چيو ته جيتوڻيڪ هن فنڊ مان اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن کي قائم ڪيل بورڊ جي سفارشن تحت مالي مدد ڏني ٿي وڃي پر ڪنهن هنگامي صورتحال ۾ ڪنهن مستحق درخواست گذار کي اها رقم چند ڏينهن ۾ به ڏني ويندي آهي . هڪ ٻئي سوال جو جواب ڏيندي صوبائي سيڪريٽري ثقافت چيو ته مرحوم طارق عالم ابڙي جون سنڌي لٽريچر جي دنيا ۾ ناقابلي فراموش ۽ تاريخي خدمتون ڏنل آهن جن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي . هن اعلان ڪيو ته مرحوم طارق عالم ابڙي جي اڻ ڇپيل مواد کي صوبائي ثقافت کاتي پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو ويندو. ان کان اڳ صوبائي سيڪريٽري ثقافت مرحوم طارق عالم ابڙي جي لاڏاڻي تي فاتحه پڙهي . ان موقعي تي سنڌ جو اديب نصير مرزا ، بيدل مسرور،علي بابا، انعام شيخ، زيب سنڌي، امداد حسيني ۽ ٻيااديب ، شاعر موجود هئا.