حيدر آباد

ضلعي حڪومت عوام کي صحت جي بنيادي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ جامع رٿابندي تي عملدرآمد ڪري رهي آهي: آفتاب احمد کتري

Khatri DCO
حيدرآباد: ضلعي ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد آفتاب احمد کتري چيو آهي ته ضلعي حڪومت عوام کي صحت جي بنيادي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ جامع رٿابندي تي عملدرآمد ڪري رهي آهي ته جيئن ماڻهن کي سندن گهرن جي درن تي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪري سگهجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ پنهنجي ڪيمپ آفيس ۾ ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ شاهه ڀٽائي اسپتال حيدرآباد ۽ لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل هيلٿ سائنس ( لمس ) ڄامشورو جي الحاق جي حوالي سان منقعد ڪيل هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪئي _ گڏجاڻي ۾ لمس ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسرڊاڪٽر نوشاد شيخ، ڊين سرجري لمس، ڊين ميڊيسن لمس، ڊائريڪٽر مليريا، اي ڊي او هيلٿ ، ايم ايس شاهه ڀٽائي اسپتال ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن پڻ شرڪت ڪئي ايڊمنسٽريٽرحيدرآباد آفتاب احمد کتري چيو ته شاهه ڀٽائي اسپتال حيدرآباد جي لمس ڄامشورو سان ڳنڍجڻ سان لاڳاپيل علائقي جي رهواسين کي صحت جون جديد سهولتون مهيا ٿيڻ سميت ماهر ڊاڪٽرن جون خدمتون به حاصل هونديون.جڏهن ته اميد آهي ته شاهه ڀٽائي اسپتال جي لمس ڄامشورو سان ڳنڍجڻ سبب اسپتال جو معيار ۽ خدمتون پڻ اڳ کان تمام بهتر ٿي وينديون . ان موقعي تي لياقت يونيورسٽي هيلٿ سائنس (لمس) ڄامشورو جي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نو شاد شيخ گڏجاڻي کي ٻڌايو ته شروعاتي طور تي لمس پاران شاهه ڀٽائي اسپتال ۾ سرجري ۽ ميڊيڪل جي مختلف شعبن ۾ سينيئر ڪنسلٽنٽ مقرر ڪيا ويندا جڏهن ته هر سال مختلف شعبن ۾ 20 ڊاڪٽر هائوس جاب ۽ 10 اسٽاف نرسون تربيت/ هائوس جاب ڪنديون جڏهن ته پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪونسل جي منظوري کانپوءِ صحت جي مختلف شعبن ۾ پوسٽ گريجوئيٽ شاگرد به شاهه ڀٽائي اسپتال ۾ پنهنجا فرض انجام ڏيندا ۽ اميد ظاهر ڪئي ته اهڙي طرح جي مقرري سان نه صرف شاهه ڀٽائي جي اسپتال جو معيار بلند ٿيندو بلڪه علائقي جي ماڻهن کي صحت جي اعليٰ درجي جون سهولتون ترت ميسر ٿي سگهنديون. هن اميد ڏيکاري ته شاهه ڀٽائي جي اسپتال ۽ لمس عملي سان سهڪار ڪري ته ماڻهن جي خدمت جي فراهمي ۾ وڌيڪ بهتري ايندي جنهن سان ماڻهن کي وڌ کان وڌ فائدو پهچندو .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button