حيدر آباد

صحت کاتئي سامونڊي طوفان کي منھن ڏيڻ لاءِ ھنگامي سيل قائم ڪري ڇڏيا

Cycloneحِيدرآباد ( هه آ ): سنڌ جي صحت کاتي واري وزير ڊاڪٽر صغير احمد جي خاص هدايتن تحت سنڌ جي سامونڊي پٽي وارن ڪراچي ،ٺٽو ۽ بدين ضلعن ۾ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ جي صحت کاتي پاران سامونڊي پٽي وارن ضلعن ۾ هنگامي سيل قائم ڪيا ويا آهن جيڪي ڏينهن رات ڪم ڪندا.
تفصيل موجب اهي قائم ڪيل هنگامي سيل سنڌ جي صحت کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري (ايڊمن) ڊاڪٽر خالد شيخ جي نگراني ۾ ڪم ڪندا. ڊاڪٽر خالد شيخ جو سيل نمبر03008993704 آهي جڏهن ته ايگزيڪيوٽو ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسرڊاڪٽر ناصر جاويد سيل نمبر 03333227074 ، ڊسٽرڪٽ آفيسر هيلٿ ڊاڪٽر خالد مسعود موبائيل نمبر 03332219582 ۽ ڊسٽرڪٽ آفيسر هيلٿ ڊاڪٽر منصور شيخ سيل نمبر 03002208362 کي ڪراچي ۾ قائم ڪيل هنگامي سيل لاءِ فوڪل پرسن نامزد ڪيو ويو آهي. ساڳئي ريت ايگزيڪيوٽو ڊسٽرڪٽ آفيسر هيلٿ ڊاڪٽر ناصر جلباڻي سيل نمبر 03002720199 ، ڊسٽرڪٽ آفيسر هيلٿ ڊاڪٽر ظهور احمد ميمڻ سيل نمبر 03333790397 ۽ ڊسٽرڪٽ آفيسر هيلٿ ڊاڪٽر غلام قادر شيخ سيل نمبر 03002682689 کي ٺٽي ضلعي لاءِ قائم ڪيل هنگامي سيل لاءِ فوڪل پرسن نامزد ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح ايگزيڪيوٽو ڊسٽرڪٽ آفيسر هيلٿ ڊاڪٽر عبدالستار چنا سيل نمبر 03008378770، ميڊيڪل آفيسرڊاڪٽر عبدالسلام خاصخيلي سيل نمبر 03142901660 ۽ ڊاڪٽر عبدالله سومرو سيل نمبر 03332526121 کي بدين ضلعي لاءِ قائم ڪيل هنگامي سيل لاءِ فوڪل پرسن نامزد ڪيو ويو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button