گھوٽڪي

شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 58 هين سالگره جي موقعي تي گهوٽڪي ۾ رت جمع ڪرڻ لاءِ مھم ھلائي ويندي: ڊي سي او

DCOگهوٽڪي: ڊي سي او گهوٽڪي زاهد علي عباسي جي صدارت هيٺ ڪاميٽي روم ميرپور ماٿيلو ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 58 هين سالگره جي موقعي تي ضلعي ۾ بلڊ ڊونيشن ڪئمپس جي حوالي سان گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ اي ڊي او صحت سميت صحت کاتي جي عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اي ڊي صحت ڊي سي او کي تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 58 هين سالگره جي موقعي تي ضلعي گهوٽڪي ۾ رت جمع ڪرڻ لاءِ 21 جون کان 23 جون تائين 3 ڏينهن مهم هلائي ويندي ان سلسلي ۾ ضلعي هيڊ ڪوارٽر سميت گهوٽڪي، ڏهرڪي ۽ اوٻاوڙو جي تعلقي اسپتالن ۾ مرد ۽ عورتن لاءِ الڳ الڳ ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن. جتي صحت کاتي جو عملو موجود هوندو ۽ رت ڏيندڙ شخص جون هيپاٽائيٽس ۽ ايڊز سميت مختلف ٽيسٽون ورتيون وينديون. جڏهن ته 3 ڏينهن واري مهم دوران 2 هزار رت جون ٿيلهيون جمع ڪرڻ جو ٽارگيٽ مقرر ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ عوامي هنڌن تي بينر ۽ پوسٽر پڻ لڳايا ويندا. ان موقعي تي ڊي سي او ڳالهائيندي چيو ته ميڊيا ذريعي به ماڻهن کي آگاهه ڪيو وڃي ته جيئن هن نيڪ ڪم ۾ وڌ کان وڌ نوجوان توڙي انساني خدمت جو جذبو رکندڙ رضاڪار حصو وٺي سگهن. استادن ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرن کي گهرجي ته هو ماڻهن کي رت جو عطيو ڏيڻ لاءِ چون ڇو ته اهو رت غريب ۽ بي پهچ ماڻهن کي مشڪل وقت ۾ ڪم ايندي جڏهن ته هن ٽي ايم اوز کي هدايت ڪئي ته هو صفائي کي يقيني بڻائين ۽ مسجدن جي پيش امامن معرف اعلان ڪرايا وڃن ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهن رت جو عطيو ڏئي سگهن. هن ڊي پي او گهوٽڪي کي چيو ته ڪئپن تي سيڪيورٽي جو مناسب بندوبست ڪيو وڃي جڏهن ته ڊي ڊي او روينيو ۽ مختيارڪارن کي هدايت ڪيائين ته هو ڪئپن تي موجود رهن ۽ ان حوالي سان هن تمام آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجون پنهنجون ذميواريون ادا ڪن ان سلسلي ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button