خيرپور

شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ پاڻيءَ جي بد انتظامي ۽ ان جا زراعت تي پوندڙ اثر جي عنوان تي سيمينار

Shah Abdul Latif University
وي سي صاحبه ۽ ٻئي خطاب ڪندي
خيرپور (رپورٽ اعجاز جکڙ ) شاهه عبداللطيف خيرپور جي معاشيات واري شعبي ۾ اسڪالر سيد اسد رضا عابديءَ معاشيات شعبي پاران ميرواهه ڪئنال ۾ پاڻيءَ جي بد انتظامي ۽ ان جا زراعت تي پوندڙ اثر جي عنوان تي سيمينار ڪرايو جنهن کي صدارتي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نيلوفر شيخ چيو ته اڄ جي دور ۾ پاڻي انتهائي اهم آهي جنهن کان سواءِ زراعت جي ترقي اڻپوري آهي هن چيو ته پاڻيءَ جي صحيح استعمال تي برقرار نه رکيو ويو ته مستقبل ۾ ان جي معاشيات تي خراب اثر پئجي سگهن ٿا جڏهن ته هن محققن پاران تحقيق جي ساراهه ڪندي چيو ته سندن تحقيق سان پاڻيءَ جي چوري ڪندڙ انصرن کي ظاهر ڪرڻ سميت ان ذريعي پوندڙ نقصانن جي پڻ ڄاڻ ملي آهي هن ريسرچ اسڪالر تي تجويز ڏني ته هو پنهنجي تحقيقي مقالي ۾ ميرواهه ڪئنال جو نقشو پڻ شامل ڪن هن سيمينار کي اسڪالر سيد اسد رضا عابديءَ ، ڊاڪٽر محمد نواز چنڊ، احمد حسين شاهه، پروفيسر عبداللطيف ميمڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button