حيدر آباد

سول سوسائٽي ، اين جي اوز ۽ سماجي تنظيمون شھر کي صاف ڪرڻ ڪردار ادا ڪن: کتري

Khatri1حيدرآباد : ضلعي ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد آفتاب احمد کتري، لاڳايپل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو چوماسي جي امڪاني برساتن کان اڳ شهر جي برسات وارن نالن جي صفائي واري ڪم کي يقيني بنائڻ لاءِ پنهنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻين ته جيئن برسات واري پاڻي جي نيڪال کي يقيني بڻائي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ ضلعي حڪومت پاران شهر کي خوبصورت بنائڻ لاءِ صفائي واري هفتي جي ڪم جي معائني جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.هن ان موقعي تي سنڌ سيمبلي جو ميمبر وسيم حسين پڻ ساڻس گڏ هو . ضلعي ايڊمنسٽريٽر آفتاب احمد کتري چيو ته ضلعي حڪومت ماڻهن کي صاف سٿرو ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ جامع منصوبي تي عمل ڪري رهي آهي ته جيئن موجوده گدلاڻ واري ماحول کي ختم ڪري ماڻهن کي صاف سٿرو ماحول فراهم ڪري سگهجي.هن، سول سوسائٽي ، اين جي اوز ۽ سماجي تنظيمن جي نمائندن کي پڻ چيو ته هفتو صفائي ۾ ضلعي حڪومت جو ڀرپور ساٿ ڏين ۽ ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ڪن ته هو پنهنجي گهرن جو گند ڪچرو مقرر ڪيل هنڌن تي اڇلائين ته جيئن گند ڪچري کي کڻڻ ۾ ڪنهن به قسم جي مشڪلات پيش نه اچي _ هن تعلقي سٽي جي مين برساتي نالي جي صفائي ۾ سست رفتاري تي پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي تعلقي سٽي جي ايڊمنسٽريٽر کي سختي سان هدايت ڪئي ته هو ڳرين مشينن ذريعي نالي جي صفائي واري ڪم کي برساتن کان اڳ مڪمل ڪري ۽ ڪوتاهي ڪندڙ عملدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي _ ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر وسيم حسين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صفائي وارو هفتو قائد تحريڪ الطاف حسين جي خاص هدايتن تحت ملهايو پيو وڃي ڇاڪاڻ ته قائد تحريڪ جي اها خواهش آهي ته وڏن شهرن وانگر حيدرآباد جي عوام کي پڻ صاف سٿرو ماحول فراهم ڪيو وڃي _ هن وڌيڪ چيو ته متحده قومي موومينٽ غريب ۽ هيٺين طبقي جي ڀلائي لاءِ وڏن فلاحي منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن سندن حالت وڌ کان وڌ بهتر ٿي سگهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button