ٽنڊو ڄام

سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ زرعي گريجوئيٽس جي ڊگري جي مارڪيٽ ۾ گهرج تي ھڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو

PAK CHINA SHEILD
ٽنڊوڄام(پ ر)سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ميزباني هيٺ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي تعاون سان زرعي گريجوئيٽس جي ڊگري جي مارڪيٽ ۾ گهرج توڙي ان جي جوڙجڪ بابت هڪ اهم سيمينار ٿيو، جنهن جي صدارت ڪراپ پراڊڪشن فيڪلٽي جي ڊين ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ڪئي، جڏهن ته ان بابت آيل ماهر ڊاڪٽر نصير عالم پنهنجو خصوصي مقالو پڙهيو، تقريرون ڪندي ڊاڪٽر شمس الدين تنيو چيو ته زرعي گريجوئيٽس ملڪ جي اهم غذائي ضرورتن توڙي ماحوليات، زراعت ۽ پاڻي جي حوالي سان اهم ڪم سرانجام ڏين ٿا ان ڪري انهن جي مارڪيٽ۾ گهرج ۽ ان جي اهميت کي انڪاري نه ٿيڻ گهرجي ۽ انهن جي لاءِ خانگي توڙي سرڪاري ادارن ۾ مقرري توڙي انهن کي پنهنجن شعبن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ گهرجن، ڊاڪٽر نصير عالم چيو ته پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن ۽ پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جهڙن ادارن جيان اسان پاران جوڙيل هن اداري ذريعي زرعي گريجوئيٽس جي اندراج توڙي انهن کي فني سهائتا جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ زرعي يونيورسٽين ۽ زرعي ادارن جي گريجوئيٽس جي رڪن سازي جهڙو ڪم ڪري انهن کي خانگي يا سرڪاري ادارن ۾ سندن کپت توڙي انهن جي لاڀائتي ڪردار کي استعمال ڪيو ويندو، هن چيو ته زرعي گريجوئيٽس ملڪ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا ان ڪري کين ٻين پروفيشنلز کان گهٽ نه سمجهيو وڃي، پر انهن کي اهڙيون سهولتون ميسر ڪرڻ لاءِ اسان پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين، ان موقعي تي شاهنواز مري ۽ ٻين به خطاب ڪيو، جڏهن ته تقريب ۾ مختلف فيڪلٽين جا ڊين ۽ پروفيسر ۽ شاگردن جو وڏوانگ موجود هو.
پريس رليز

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button