سماجي اڳواڻ ويرجي ڪولهي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت
حيدرآباد، جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي (عوامي حق) جو هڪ اجلاس اربع ڏينهن قاسم آباد ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ سماجي اڳواڻ ۽ سنڌ هاري پورهيت ڪائونسل جي جوائنٽ سيڪريٽري ويرجي ڪولهي تي مبينه طور بااثر شخصيت جي چوڻ تي ڪوڙ تي ٻڌل قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. ان موقعي تي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي (عوامي حق) جي اڳواڻن پنهل ساريو، جبار ڀٽي،مولچند ڪولهي، شوڪت ميمڻ، جاويد سوز هالائي ۽ ٻين چيو ته ننگرپارڪر پوليس ويرجي ڪولهي تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪري قانون ۽ انصاف جو مذاق اڏايو آهي. هنن چيو ته ويرجي ڪولهي عورتن ۽ اقليتن جي انساني حقن لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي سندس خلاف پروپيگنڊه ڪندڙ وڏيرن ۽ رياستن جا ايجنٽ ٿي سگهن ٿا. هنن چيو ته انساني حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڪو شخص قتل نه ٿو ڪري سگهي، ننگرپارڪر کي يرغمال بڻائيندڙ ۽ اتي جي وسيلن کي ڦٻائيندڙ سياسي وڏيرا ڪولهي برادري جي هن باشعور سماجي اڳواڻ کي جڙتو ڪيسن ۾ ڦاسائي کيس ننگرپارڪر ۽ سياسي ۽ سماجي عمل کان پري رکڻ جي سازش تي عمل ڪري رهيا آهن.انهن مطالبو ڪيو ته هن ڪيس جي جاچ آر پي او حيدرآباد ثناءُ الله عباسي کان ڪرائي وڃي. اجلاس ۾ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي پاران ويرجي ڪولهي سان ٿيندڙ مبينه ڏاڍائي خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ۽ ريليون ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
مانيٽرنگ ڊيسڪ