زراعت قومي ترقي ۾ ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکي ٿي: آفتاب احمد کتري
حيدرآباد: ضلعي ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد آفتاب احمد کتري لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو ضلعي ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ۽ ان جي اگهن کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي اثرائتي ڪارروائي ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ شهباز هال حيدرآباد ۾ ڀاڻ جي موجودگي کي يقيني بنائڻ جي حوالي سان منعقد ڪيل هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. گڏجاڻي ۾ اي ڊي او روينيو ،اي ڊي اوز زراعت ، ڊي او روينيو، سنڌ آبادگار بورڊ ، چيمبر آف زراعت ، فوجي فرٽيلائيزر ، اينگرو ڪيميڪل ۽ ڀاڻ جي ڊيلرن جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي .ضلعي ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد آفتاب احمد کتري چيو ته زراعت قومي ترقي ۾ ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکي ٿي ۽ ملڪ جي ترقي جو دارو مدار زراعت تي آهي . هن چيو ته ضلعي حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته آبادگارن کي وڌ کان و ڌ کان گهربل سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن ملڪ مان بيروزگاري ۽ غربت جو خاتمو آڻي سگهجي . هن واسطيدار عملدارن کي سختي سان هدايت ڪندي چيو ته ضلعي ۾ آبادگارن کي ڀاڻ ، ٻج ۽ زرعي اوزارن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ سميت بليڪ مارڪيٽنگ ۽سندن جائز شڪايتن جو ازالو ڪيو وڃي _ هن فرٽيلائيزر ڪمپنين جي نمائندن کي هدايت ڪئي ته هو ضلعي حيدرآباد جي ڪوٽا، ڊيلرن کي ترت فراهم ڪن ته جيئن ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ کي روڪي سگهجي.هن ڀاڻ جي ڊيلرن کي چيو ته هو ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ جي حوصلاشڪني لاءِ ضلعي حڪومت جو ساٿ ڏئي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن ته جيئن ضلعي کي ناجائز منافعه خورن کان پاڪ بڻائي سگهجي ۽ آبادگارن کي پيش ايندڙ مسئلن مان نجات ڏياري سگهجي. ان موقعي تي آبادگار ۽ چيمبر آف زراعت حيدرآباد جي نمائندن گڏجاڻي کي ٻڌايو ته زرعي اوزار، مشينري ،ڀاڻ، جراثيم واريون دوائون ۽ ٻج وغيره تي ٽيڪس لڳڻ سبب انهن جا اگهه تمام گهڻا وڌي ويا آهن جنهن سبب ننڍي ۽ وچولي طبقي وارن آبادگار ن جي قوت خريد تمام متاثر ٿي رهي آهي تنهنڪري ان ڏس ۾ اهڙي پاليسي جوڙي وڃي جنهن سان آبادگارن کي فائدو پهچي سگهي .