دواساز ڪمپنيون ڪاروبار صاف سٿرو ۽ ڪنهن به ملاوٽ کان پاڪ طريقي سان ڪن: شهاب الدين صديقي
حيدرآباد : ڊائريڪٽرجنرل زرعي توسيع کاتي سنڌ شهاب الدين صديقي پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ ۾ دواساز ڪمپنيون يا انهن جا جيڪي ڊيلر آهن اهي ڪاروبار صاف سٿرو ۽ ڪنهن به ملاوٽ کان پاڪ طريقي سان ڪن ته جيئن آبادگار ان معياري دوائن کي فصلن ۾ ڪتب آڻي سگهن ته جيئن بيمارين تي ضابطو آڻي بهتر پيداوار حاصل ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته زرعي دواساز ڪمپنيون جن جو رجسٽريشن وارو مدو پورو ٿي چڪو آهي اهي پاڻ کي حڪومت سنڌ وٽ ٻيهر رجسٽرڊ ڪرائين ٻي صورت ۾ سندن خلاف پيسٽيسائيڊ آرڊيننس تحت سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ان سلسلي ۾ اٽڪل 29 زرعي دوا ساز ڪمپنين کي نوٽيس به جاري ڪيا ويا آهن جن کي چيو ويو آهي ته پاڻ کي 14 ڏينهن اندر رجسٽرڊ ڪرائين _ اهڙي ريت هن زرعي ڀاڻ وارن ڊيلرن کي پڻ هدايت ڪئي آهي ته هو ڀاڻ جو ڪاروبار صاف سٿرو ڪن ۽ٻي صورت ۾ ملاوٽ ڪندڙ ن خلاف فرٽيلائيزر ايڪٽ تحت سخت ڪارروائي ڪئي ويندي