شاعري

خبرن جي رش ۾ ڦاٿل ماڻهو

چندر ڪيسواڻي
News papersاسين خبرن جي رش ۾ ڦاٿل ماڻهو
اسانجي گهر کان ٻاهر
سياست ته ڄڻ نقاب جو نالو آهي
جنهن تي چهرن جو نصيب لکيل آهي.
اسان جي اندر ۾ اُٿندڙ
طوفان جو رُخ
۽ پنهنجي جيئاپي جي معنيٰ به
عجيب آهي.
اسين،
جي تهذيب جي تهه خانن ۾
پنهنجي ماضي سميت گم ٿي ويل
شاندار روايتن جا سڀ سبق
گهڻو اڳ رَٽي چُڪاسين،
نظرين جي عجائب گهر ۾
ته پاڻ کي ڳولي ٿڪا آهيون.
اسان جا نعرا هاڻي
اسان تي ئي کِلي رهيا آهن
۽ اسين
گلف جي شيخن جي شوق ۾ وڪامجندڙ ٻارڙن
جيان
ڪنهن واڪ جا منتظر آهيون
آئيندي کان به خبر آهيون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button