حيدر آباد

حيدرآباد ۾ 22 جون 2011 کان صفائي جو هفتو ملهايو ويندو : صوبائي وزير

Zubair ahmed Lحيدرآباد : ٻهراڙي جي ترقي واري صوبائي وزير زبير احمد خان چيو آهي ته ڪراچي وانگر حيدرآباد ۾ به 22 جون 2011 کان صفائي جو هفتو ملهايو ويندو جنهن دوران نالن ، روڊن ۽ گهٽين جي صفائي ڪئي ويندي ته جئين عوام کي صاف ۽ صحت مند ماحول فراهم ٿي سگهي – هو اڄ شام ضلعي ناظم سيڪريٽريٽ حيدرآباد ۾ صفائي جي هفتي ۽ امڪاني سانوڻي جي برساتن جي سلسلي ۾ گهربل انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪوٺايل هڪ گڏجاڻي صدارت ڪري رهيو هو – گڏجاڻي کي خطاب ڪندي صوبائي وزير چيو ته حيدرآباد شهر اسان سڀني جو آهي ۽ ان کي صاف سٿرو رکڻ پڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي- هن واسا ۽ تعلقا ايڊمنسٽريشن جي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته اهي برساتن جي پاڻي جي نيڪال لاءِ جو ڳا اپاءُ اختيار ڪندي گهربل مشينري کي استعمال جوڳي حالت ۾ رکڻ کي يقني بڻائين ته جئين برسات جي پاڻي کي فوري طور تي نيڪال ڪري شهرين کي پريشاني کان بچائي سگهجي – ان موقعي تي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي صوبائي وزير فشريز زاهد علي ڀرڳڙي صفائي وارو هفتو ملهائڻ واري قدم جي ساراهه ڪندي چيو ته اهو هڪ سٺو عمل آهي ۽ ان ۾ اسان سڀني کي حصو وٺڻ گهرجي – هن چيو ته گذريل سال ٻوڏ دوران پ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي نمائندن آبپاشي کاتي جي انتظاميا سان گڏجي حفاظتي بندن جي نگراني ۽ مرمت واري ڪم ۾ ڀرپور حصو ورتو هو – هن واسا انتظاميا کي هدايت ڪئي ته اهي سمورين پمپنگ اسٽيشن تي اسٽيند بائي جنريٽر جي موجودگي کي يقيني بڻائين ته جيئن برساتن دوران ٿيندڙ لوڊ شيڊنگ ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال کي جاري رکي سگهجي – هن ڊي سي او حيدرآباد کي هدايت ڪئي ته هو واسا ايڇ ڊي اي جي فنڊ جي کوٽ ۽ ٻين مسئلن بابت آگاهي جي لاءِ هڪ گڏجاڻي منعقد ڪن ۽ انهن مسئلن جي حل لاءِ عوامي نمائندن کي پنهنجون سفارشون پيش ڪن – گڏجاڻي ۾ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن اڪرم عادل، سهيل يوسف ، وسيم حسين ، امان الله سيال ، فياض شاهه ، روشن سولنگي ، ڊي جي ايڇ ڊي اي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button