حيدر آباد

جونيئر وڪيل پنهنجي سينيئر وڪيلن جي رهنمائي ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري سگهن ٿا: انور ظھير جمالي

Anwer Zaheer Jamaliحيدرآباد : سپريم ڪورٽ جي جسٽس ، جناب جسٽس انور ظهير جمالي ۽ جناب جسٽس غلام رباني ، وڪيل برادري تي زور ڀريو آهي ته اهي پنهنجي سينيئر وڪيلن جي رهنمائي ۾ سخت محنت ڪن ۽ پنهنجي پيشورانه صلاحيتن کي وڌيڪ اجاگر ڪن ته جيئن بينچ ۽ بار جي سهڪار سان عوام کي ملندڙ تڪڙي ۽ سستي انصاف فراهم ڪرڻ واري عمل کي وڌ کان وڌ تيز ڪري سگهجي. هنن اهڙو اظهار اڄ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن طرفان سپريم ڪورٽ جي جج صاحبن جي هڪ وفد جي مان ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو . سنڌ هاءِ ڪورٽ اينڪسي بلڊنگ جي مين آڊيٽوريم ۾ رٿيل تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ سپريم ڪورٽ جي جج صاحبان جي وفد ۾ جناب جسٽس انور ظهير جمالي، جناب جسٽس غلام رباني ۽ جناب جسٽس امير هاني مسلم شامل هئا.آجياڻي کي خطاب ڪندي جناب جسٽس انور ظهير چيو ته جونيئر وڪيل پنهنجي سينيئر وڪيلن جي رهنمائي ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري سگهن ٿا. هن چيو ته بينچ ۽ بار جي عزت ۽ احترام هڪ جيترو آهي تنهنڪري وڪيلن جوفرض ٿئي ٿو ته اهي قاعدن ۽ ضابطن جي پاسداري ڪن عوام جي گهربل قانوني تقاضائن کي وقت سر پورو ڪن ۽ انصاف لاءِ ڪورٽ جي پوري مدد ڪن.هن چيو ته حيدرآباد جا وڪيل باصلاحيت ۽ قانوني مهارت رکن ٿا.تقريب کي خطاب ڪندي جناب جسٽس غلام رباني چيو ته هن وقت حيدرآباد سان تعلق رکندڙ ٽي جج صاحبان سپريم ڪورٽ ۾ حاضر سروس آهن جيڪا هڪ خوش آئنده ڳالهه آهي .هن چيو ته اسان پاڻ حيدرآباد بار جي پيداوار آهيون ۽ اسان پنهنجي سينيئر وڪيلن جي رهنمائي ۾ قانوني مهارت حاصل ڪئي .هن حيدرآباد بار طرفان سندن مان ۾ ڏنل آجياڻي تي بار عهديدارن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته حيدرآباد بار جي وڪيلن کي درپيش مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو. ان موقعي تي حيدرآباد بار جي صدر الهه بچايو سومرو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيوجنهن دوران هنن سپريم ڪورٽ مان آيل جج صاحبان جي وفد جي آجيان ڪئي ۽ يقين ڏياريو ته هو بينچ ۽ بار جي سهڪار وڌيڪ مضبوط ڪندا.

Anwer Zaheer Jamali1
هه آنمبر 437

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button