حيدر آباد
تعلقي لطيف آباد حيدرآباد جي 17 لوڪل زڪوات ڪميٽين جي مستحقين ۾ 8 لک 67 هزار رپيا ورھايا ويا
حيدرآباد : سنڌ زڪوات ڪائونسل جي چيئرمين جسٽس (ر) زاهد قربان علوي گذريل ڏينهن اپوا اسڪول لطيف آباد نمبر 8 ۽ ڪرم مصطفيٰ مسجد ۾ تعلقي لطيف آباد حيدرآباد جي 17 لوڪل زڪوات ڪميٽين جي مستحقين ۾ 8 لک 67 هزار رپيا ۽ ٽن غريب نياڻين جي شادي لاءِ ڏاج جي رقم 30 هزار رپين جا چيڪ ورهايا. ان موقعي تي سيد فياض حسين شاهه ۽ ضلعي زڪوات ڪميٽي جو چيئرمين حاجي شير محمد پيرزاده موجود هو. بعد ۾ زڪوات جي ورڇ واري عمل کي شفاف بنائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ تي سنڌ زڪوات ڪائونسل جي چيئرمين جسٽس (ر) زاهد قربان علوي ۽ ضلعي ڪميٽي حيدرآباد جي چيرمين کي شيلڊون پڻ ڏنيون ويون