بينظير ڀٽو شهيد هڪ انقلابي ۽ دور انديش اڳواڻ جي عنوان هيٺ هڪ سيمينار 26 جون تي حيدرآباد ۾ منعقد ٿي رھيو آھي
 حيدرآباد : پاڪستان پيپلز پارٽي  حيدرآباد ڊويزن طرفان  شهيد محترمه بينظير ڀٽو  جي 59 هين  سالگره جي مناسبت سان  26 جون 2011 تي  حيدرآباد ۾  محترمه شهيد  بينظير ڀٽو  شهيد هڪ انقلابي  ۽ دور انديش  اڳواڻ جي عنوان هيٺ  هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويندو جنهن  جي صدارت  پ پ پ سنڌ جو صدر ۽ سنڌ جو وڏو وزير  سيد قائم علي شاهه ڪندو  – اڄ هتي جاري  هڪ پريس رليز مطابق   پ پ پ حيدرآباد ڊويزن جي صدر ۽ بين الصوبائي رابطن واري صوبائي  وزير مخدوم جميل الزمان ٻڌايو ته سيمينار ۾ پ پ پ  جا مرڪزي اڳواڻ ، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا ، وفاقي وزير قانون مولا بخش چانڊيو، سينيٽر رضا رباني ، ڊاڪٽر پروفيسر اين ڊي خان، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ، تاج حيدر ، سميت سنڌ جا ڀلوڙ اديب  محمد ابراهيم جويو، يوسف شاهين ، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي ، آغا سليم ، حفيظ لاکو ، نورلالهٰديٰ  شاهه، نذير لغاري ، امر سنڌو ، ڊاڪٽر عبدالجبار خٽڪ ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شخصيت  ۽ خدمتن  تي روشني وجهندا جڏهن ته  سيمينار  ۾ پ پ پ   حيدرآباد ڊويزن جي 8 ضلعن سميت  ذيلي تنظيمن جا ڪارڪن  شرڪت ڪندا