سکرميرپور خاص

بندر وال واسين پاران علائقو نه ڇڏڻ جو اعلان، رهواسي پاڻ هليا وڃن نه ته ڪارروائي ڪنداسين: وڏو وزير

qaim ali shahسکر / ميرپور خاص( م ڊ) سکر بندر وال جي رهواسين علائقو نه ڇڏڻ جو اعلان ڪندي ڀرپور مزاحمت جو فيصلو ڪيو آهي،جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جو چوڻ آهي ته هو علائقو خالي ڪرائڻ لاءِ انتظاماايڪشن کڻندي ۽ ڪجهه ماڻهن جي ڪري لکين ماڻهن جي زندگيون داءَ تي نه ٿا لڳائي سگهن،بندروال جي رهواسين کين لڏائڻ واري حڪومتي فيصلي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.بندر وال جي رهواسين مرد ۽ عورتن احتجاجي مظاهرو ڪري حڪومتي فيصلي خلاف نعريبازي ڪئي.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي رهواسين چيو ته ڊي ڊي او روينيو پاران ڪيل سروي وارو ڪم بهتر آهي، پر امداد ڏيڻ وارو طريقڪار غلط آهي.هنن چيو ته اي ڪيٽيگري لاءِ پنجاهه ، بي لاءِ 25 ۽ سي لاءِ 5 لک رپيا ڏنا وڃن.اڳواڻن چيو ته جيستائين سندن مطالبا منظور نه ڪيا ويندا تيستائين هو پنهنجا گهر نه ڇڏيندا.ٻئي طرف وڏو وزير سيد قائم علي شاهه معاملي جي حل لاءِ سکر پڻ پهچي ويو آهي،ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هلندڙ سال به ٻوڏ جو پاڻي تمام گهڻو آهي، جيڪو سکر بئراج وٽان ئي گذرندو،هن چيو ته بندر وار خالي ڪرائڻ لاءِ هو سمورا گهربل قدم کڻندا، سيد قائم علي شاهه جو چوڻ هو ته سکر شهر جي حفاظتي ڀت سان لاڳاپيل اڏاوتن کي ختم ڪرڻ فوري طور اڻٽر آهي ان لاءِ رهواسين کي پاڻ ئي اڏاوتون ختم ڪرڻيون پونديون ٻي صورت ۾ انتظاميا ايڪشن کڻندي، وڏي وزير جو چوڻ هو ته 30 جون تائين سنڌ ۾ گذريل ٻوڏ دوران متاثر ٿيندڙ سمورن حفاظتي بندن جي مرمت 30 جون تائين سنڌ ۾ گذريل ٻوڏ دوران متاثر ٿيل سمورن حفاظتي بندن جو مرمتي ڪم مڪمل ٿي ويندو ڇو ته هن ڀيري به ٻوڏ جو پاڻي تمام گهڻو آهي، سيد قائم علي شاه چيو ته سنڌ ۾ بندن جي حوالي سان خدشا موجود آهن. بندن کي مضبوط ڪرڻ جو ڪم تيز ڪيو ويو آهي. ٽوڙي بند جي حوالي سان سپريم ڪورٽ پاران ڪرايل جاچ سامهون اچي چڪي آهي ته اهو اوور ٽاپ ٿيو هيو ان کي ٽوڙيو نه ويو هيو. هو هن وڌيڪ چيو ته سکر جي بندر وال جي حوالي سان معاملا هڪ ٻن ڏينهن ۾ طئي ٿي ويندا اسان کيس مهلت نه ڏني هئي اتان جي رهواسين کي پاڻ علائقو خالي ڪرڻ گهرجي. جڏهن ته معاوضي جي حوالي سان ڪميٽي انهن سان ڳالهيون ڪري رهي آهي. هن چيو ته گذريل ٻوڏ سان رائيٽ سائيڊ ۾ پوندڙ گهارن ڪجهه شهرن کي تباهه ڪيو ، جيڪڏهن هن دفعي ڪوئي واقعو پيش آيو ته وڌيڪ شهر تباهه ٿي ويندا. هن چيو ته سکر بئراج جي ڪيپيسٽي واڌائڻ جو ڪم جلد شروع ڪيو ويندو. هن چيو ته اندرون سنڌ امن امان جي صورتحال پهريان کان ڪافي بهتر آهي.هوڏانهن سکر شهر جي حفاظت لاءِ سنڌو درياهه تي ٺاهيل بندر وال واري علائقي تي جڙيل اڏاوتون ڊاهڻ لاءِ سروي جو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي، جڏهن ته رپورٽ اڄ سينيٽر اسلام الدين شيخ حوالي ڪئي پئي وڃي.سروي رپورٽ موجب بندروال جي علائقي ۾ ٺاهيل عمارتن کي اي، بي ۽ سي ڪيٽيگري ۾ ورهائي رهواسين کي معاوضو ادا ڪيو ويندو.وڏاتن جي معاوضو جي فيصلو سينيٽر اسلام الدين شيخ جي صدارت ۾ ٿيندڙ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو.ذريعن موجب سروي رپورٽ ۾ گدامن، دڪانن ۽ ٻين ڪاروباري اڏاوتن جي مالڪن کي معاوضو نه ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.ميڊيا پاران رابطو ڪرڻ تي بندروال ڪاميٽي جي سربراهه ڊي ڊي او روينيو سکر سمير احمد سيد ٻڌايو ته بندوال واري علائقي ۾ ٺاهيل 17 سئو کان وڌيڪ گهرن کي پٽ ڪري بندوال جي تعمير ڪرائي ويندي.ان کان اڳ ميرپوخاص ۾ 46 هين مينگو فيسٽيول جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وڏي وزير چيو ته هن چيو ته ڪوريه مان اسان شيون گهرايون ٿا پر ڪوريه جي مارڪيٽ ۾ اسان جو ميوو چانور ۽ ڪارپيٽ ۽ ٻين شين جي گهرج وڌي آهي. هاڻي انهن وڌيڪ شين جو مطالبو ڪيو آهي. وزير اعليٰ چيو ته صدر وزير اعظم ۽ سنڌ حڪومت جي بهتر پاليسين سبب گذريل ٽن سالن ۾ زرعي شعبي ۾ رڪارڊ ترقي ٿي آهي اهو ئي سبب آهي جو هن سال ڪپهه ڪڻڪ چانور ۽ ميووي جي في ايڪڙ پيداوار پنجاب جي ڀيٽ ۾ گهڻي ٿي آهي. هن چيو ته بي بي ايس وائي ڊي پي پروگرام جي تحت نوجوانن کي فني تربيت ڏني پئي وڃي جنهن جا بهتر نتيجا نڪتا آهن ۽ تربيت کان پوءِ هن سال نوجوانن کي ٻاهرين ملڪ روزگار لاءِ موڪليو ويندو. سيد قائم علي شاه چيو ته پيپلز پارٽي چور دروازي مان اقتدار ۾ نه آئي آهي ۽ هن جمهوري حڪومت ۾ عوام جي حڪمراني آهي ۽ چيو ته وفاقي بجٽ مثبت بجٽ آهي پر افسوس هن بجٽ تي امير ماڻهو تنقيد ڪري رهيا آهن انهن جو ايوان ۾ اسپيڪر کي بجٽ جي موقعي تي سڪل ماني پيش ڪرڻ غريب عوام سان مذاق آهي ڇو ته سڪل ماني جو قدر غريب ئي ڄاڻي ٿو. هن چيو ته سنڌ جو مستقبل بجٽ غريب عوام دوست هوندو جنهن آبادگارن غريبن ۽ صنعتڪارن کي مراعتون ۽ سهولتون ڏنيون وينديون. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ موجوده حڪومت پاران ضروري اپاءَ ورتا پيا وڃن. هن کان اڳ وزير اعليٰ شهيد بينظير ايگزيبيشن هال ۾ لڳل مينگو فيسٽيول ۾ انبن جي اسٽالن جو تفصيلي معائنو ڪيو ۽ پنهنجي دلچسپي جو اظهار ڪندي رکيل انبن جي ورائٽي جي تعريف ڪئي. ان کان اڳ ڊي سي اور اسان جو مير پور خاص انبن جو شهر مينگو ميگا فيسٽيول متعلق تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ سنڌ جي وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته انبن جي تازگي قائم رکڻ لاءِ مير پور خاص ۾ هاٽ واٽر ڪولڊ ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳايو وڃي ته جيئن هتان جي انبن کي محفوظ ڪري ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪلي سگهجي. ان کان پوءِ وڏي وزير مينگو فيسٽيول جي شهيد بينظير ڀٽو چيمپيئن شپ ٽرافي ۽ ڪيش 50 هزار روپيه انعام مشهور زميندار عمر ٻگهيو کي ڏنا جڏهن ته فيسٽيول جي هر گروپ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ ننڍن آبادگارن ۾ حاجي نبي بخش گبول ٽرافي ۽ ڪيش 10 هزار روپيه انعام ان موقعي تي صوبائي وزير سيد علي نواز شا علي مردان شاه ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاني ايم پي ايز مير محبوب ٽالپر شميم آرا پنهور ۽ ضلعي آفيسر آبادگار پارٽي عهديدار ورڪر ۽ عام ماڻهو وڏي انگ ۾ موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button