بدين ويجهو سڱاوتي تڪرار تان ڇڪتاڻ، نياڻين اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنو
بدين (م ڊ): بدين ويجهو ڳوٺ حضوري خاصخيلي ۾ ڪجهه وقت کان هلندڙ برادري تڪرار سبب نياڻين اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي، ٻن مهينن کان ڳوٺ جي ڪابه ڇوڪري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ تعليمي ادارن ۾ نه پهتي، ڳوٺ جي رهواسين عمر خاصخيلي ۽ فاطمه خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ ايوان صحافت اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد هنگامي پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ صحافين کي دانهيندي ٻڌايو ته سندن ڌي ملوڪ ٻائيءَ جيڪا اٺين ڪلاس ۾ پڙهندي آهي، تنهن جو سڱ اسان ننڍي هوندي مبارڪ خاصخيلي جي پٽ عثمان کي ڏيڻو ڪيو هو، پر بالغ ٿيڻ تي ملوڪ ٻائي رشتو قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ان تي مبارڪ، اڪبر، خميسو ۽ خدابخش خاصخيلي وارن گهرن تي حملو ڪري فائرنگ ڪري اسان جي نياڻي ملوڪ ٻائي کي زبردستي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مذاحمت ڪرڻ تي ڄاڻايل حملي آور فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، ان ڏينهن کان وٺي سڄي ڳوٺ ۾ سخت خوف ۽ هراس ڇانيل آهي، ڊي پي او بدين کي روبرو صورت حال کان واقف ڪيو، جنهن ڪارروائي جي خاطري ڪرائي پر جوابدار بااثر هئڻ ڪري سرعام ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، ڪنهن به وقت خونريزي جوخدشو آهي، هنن وزير اعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ، ڊائريڪٽر هيومن رائيٽس سيشن جج بدين کي انڪوائري ڪري انصاف ڏيارڻ ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.