حيدرآباد : بدين ضلعي ۾ امڪاني طوفاني حالتن کي نظر ۾ رکندي ضلعي حڪومت بدين پاران ضلعي آفيسر روينيو بدين فياض حسين عباسي کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي ، سندس آفيس ۾ ايمرجنسي سينٽر قائم ڪيو ويو آهي جنهن جو فون نمبر 0297862384 ۽ سندس سيل نمبر03003602941 آهي جڏهن ته بدين ضلعي جي پنجن ئي تعلقن جي ڊي ڊي او روينيو جي آفيسن ۾ ايمرجنسي سينٽر پڻ قائم ڪيا ويا آهن جنهن جا انچارج ڊي ڊي اوز مقرر ڪيا ويا آهن جنهن ۾ ڊي ڊي او بدين ۽ ٽنڊو باگو آصف جان صديقي جنهن جو سيل نمبر 03332681665 آهي ، ڊي ڊي او شهيد فاضل راهو حاجن اڄڻ جنهن جو سيل نمبر03003148667 آهي ، ڊي ڊي او تلهار عبدالقادر اقبالاڻي جنهن جو سيل نمبر 03002824204 آهي ، ڊي ڊي او ماتلي محمد ابراهيم عالماڻي جنهن جو سيل نمبر 03009377631 آهي . ان موقعي تي ضلعي آفيسر روينيو بدين ۽ فوڪل پرسن فياض حسين عباسي ٻڌايو ته موسميات کاتي جي ڪيل اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي ماهيگيرين کي صلاح ڏني وئي آهي ته اهي 10 جون کان 13 جون 2011 تائين گهري سمند ۾ مڇي مارڻ کان پاسو ڪن