گھوٽڪي
ايڇ. او آفيسر (يو اين ڊي پي) ضلعي گهوٽڪي ۾ ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي بحالي متعلق ڪم جو جائزو ورتو
گهوٽڪي: ڊي ڊي او ڪوآرڊينيشن دانش افضل جي صدارت هيٺ ڪاميٽي روم ميرپور ماٿيلو ۾ اين جي اوز جي گڏجاڻي منقعد ڪئي وئي ان موقعي تي ايڇ. او آفيسر (يو اين ڊي پي) ضلعي گهوٽڪي ۾ ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي بحالي متعلق ڪم جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڊي ڊي او ڪوآرڊينيشن اين جي اوز جي نمائندن کي چيو ته هو پنهنجا ريسورس شيئر ڪن ۽ ضلعي حڪومت سان رابطي ۾ اچي جن جن شعبن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن انهن متعلق تفصيل فراهم ڪن ته جيئن هنگامي صورتحال ۾ سندن صلاحيتن مان فائدو حاصل ڪري سگهجي ته جيئن ماڻهن جي وقتائتي مدد ٿي سگهي. انهن کي هدايت ڏيندي چيو ته پنهنجا ڪانٽيجنسي پلان تيار ڪري ضلعي حڪومت گهوٽڪي حوالي ڪن ۽ جيڪا اين جي اوز جنهن به شعبي ۾ ڪم ڪرڻ چاهي ٿي ان لاءِ لازمي آهي ته اها ضلعي حڪومت کان اين او سي وٺي ۽ ضلعي حڪومت سان رابطي ۾ رهي.