گھوٽڪي

ايم پي سردار احمد علي خان پتافي ۽ ڊي سي او شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 58 هين سالگرهه جي موقعي تي رت جي ڪيمپ جو دورو ڪيو

Ahmed Ali Pitafi
گھوٽڪي: سردار احمد علي پتافي ۽ ڊي سي زاھد عباسي ڪيڪ ڪاٽيندي
گهوٽڪي: ايم پي اي سردار احمد علي خان پتافي ۽ ڊي سي او گهوٽڪي زاهد علي عباسي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 58 هين سالگرهه جي موقعي تي ضلعي گهوٽڪي جي هيڊ ڪوارٽر اسپتال ميرپور ماٿيلو سميت ڏهرڪي، گهوٽڪي، خانڳڙه ۽ اوٻاوڙو جي تعلقه اسپتالن ۾ لڳايل رت جي ڪئمپن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ايم پي اي سردار احمد علي کان پتافي ڳالهائيندي چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سالگره جي موقعي تي اُن جي روح کي ايثال ثواب پهچائڻ خاطر سنڌ ۾ رت جي عطيي جون ڪئمپون لڳايون ويون آهن ته جيئن عطيي طور مليل رت مان غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي مدد ٿي سگهي هن چيو ته ڪئمپن ۾ رضاڪارن ۽ مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن پنهنجو رت ڏئي شهيد محترم کي ثواب پهچايو آهي جن جو اجر انهن کي ضرور ملندو. ان موقعي تي ڊي سي او گهوٽڪي زاهد علي عباسي ڳالهائيندي چيو ته رت جمع ڪرڻ واري هن مهم ۾ جن نوجوانن ۽ رضاڪارن حصو ورتو آهي انهن هڪ وڏي انساني خدمت ڪئي آهي هن چيو ته اها رت مشڪل وقت ۾ ڪيترن ئي مريضن کي ڪم ايندي ۽ ڪيتريون ئي زندگيون بچائي سگهندي.
blod1
گھوٽڪي: سردار احمد علي پتافي ۽ ڊي سي زاھد عباسي اسپتالن جو دورو ڪندي
هن نوجوانن ۽ انساني خدمت جو جذبو رکندڙ رضاڪارن کي اپيل ڪئي ته هو 3 ڏينهن واري هن مهم ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺي انساني خدمت ڪن. هن وڌيڪ چيو ته رت جو عطيو ڏيڻ سان انسان ڪمزور نه پر اڃا وڌيڪ صحتمند ٿيندو آهي. بعد ۾ پيپپلز ڊيولپمينٽ ڪاميٽي جي آفيس ميرپور ماٿيلو ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 58 هين سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ فاتح خواني ڪري دعا گهري وئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button