خبرون

القاعده اڳواڻ فضل عبدالله صوماليا ۾ مارجي ويو

fazul mohammad283موگاديش :آمريڪي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن چيو آهي ته صوماليا ۾ القاعده اڳواڻ فضل عبدالله محمد جو مارجڻ تنظيم لاءِ وڏو ڌڪ ڏسو صفحو3 نمبر2 آهي. آمريڪي اختيارين موجب القاعده اڳواڻ فضل عبدالله محمد ۽ سندس ساٿي صوماليا جي گادي واري هنڌ موگاديشو ۾ هڪ ناڪي تي پوليس سان چڪري ۾ مارجي ويو. مٿس اوڀر آفريڪا ۾ آمريڪي سفارتخاني تي حملي ۾ ملوث هئڻ جو شڪ ظاهر ڪيو ويو هو، جنهن ۾ 224 ماڻهو مارجي ويا هئا. آمريڪي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن جو چوڻ هو ته فضل عبدالله محمد جي موت سان هڪ اهڙي ويڙهاڪ جو خاتمو ٿيو آهي، جنهن نيروبي، دارالسلام ۽ ٻين شهرن ۾ آمريڪي سفارتخاني جي اهلڪارن جي قتل ۾ حصو ورتو. هيلري ڪلنٽن جو چوڻ هو ته فضل عبدالله جو موت القاعده، سندس اتحادين ۽ اوڀر آفريڪا کي انهن جي ڪارروائين لاءِ زبردست ڌچڪو آهي. ٻئي طرف صومالي فوج جي سربراهه جنرل عبدي ڪريم يوسف ميڊيا کي ٻڌايو ته شروعاتي طور تي سرڪاري اهلڪارن کي مارجي ويل بابت ڪو به پتو نه پيو ۽ کيس دفنايو ويو هو، جڏهن ته بعد ۾ دستاويزن کي چيڪ ڪري لاش قبر مان ڪڍي ان جون تصويرون ورتيون ۽ ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي سڃاڻپ ڪئي. واضح رهي ته صوماليا جي ڏکڻ ۽ وچ وارن علائقن تي الشهاب ويڙهاڪن جو ڪنٽرول آهي، جڏهن ته گڏيل قومن جي حمايت سان قائم حڪومت جا اختيار گادي واري شهر موگاديشو جي رڳو ڪجهه علائقن تائين محدود آهن.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button