خيبر پختون خوا

اتر وزيرستان ۾ وقفي وقفي سان 3 ڊرون حملا، 25 ماڻهو مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

Predatorوانا (م ڊ) اتر وزيرستان ۾ هڪ ٻئي پويان آمريڪي جهازن جا 3 ڊرون حملا، 25 ماڻهو مارجي ويا، ڪيترائي زخمي، ذريعن موجب آمريڪي جاسوسي جهاز پهرين مدرسي جي ويجهو هڪ گهر تي 2 ميزائل فائر ڪيا، جنهن جي وقفي بعد هڪ ٻئي گهر تي ميزائل فائر ڪيا ويا، نتيجي ۾ 19 ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، واقعي بعد مقامي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون، زخمين کي اسپتال ڏانهن نيو ويو، جڏهن ته رات دير تائين جاسوسي جهازن جون اڏامون جاري رهيون، جنهن سبب علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button