خيبر پختون خوا

آپگهاتي جيڪٽ پهريل 8 ورهين جي ٻارڙي تحويل هيٺ

Girl that was savedلوئر دير: اسلام دره چيڪ پوسٽ تي 8 ورهين جي ٻارڙي کي سيڪيورٽي اهلڪارن تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. ڊي پي او لورئر دير موجب ٻارڙي کي خودڪش جيڪٽ پاتل هئي جيڪا حفاظت سان لاٿي وئي آهي. دهشتگردن خودڪش حملا ڪرڻ لاءِ ننڍڙن ٻارڙن کي اغوا شروع ڪري ڇڏيو آهي. ٻارڙي پشاور جي رهواسي آهي جنهن کي اغوا ڪيو ويو هو. پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ جاچ جاري آهي. پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٻارڙي کي خودڪش جيڪٽ پاتل هئي. جيڪا حفاظت سان لاٿي وئي آهي. حراست ۾ ورتل ٻارڙي سهانا ٻڌايو ته گذريل ڏينهن ٻن عورتن ۽ هڪ مرد بيهوش ڪري اغوا ڪيو هو، مون سان گڏ 2 مرد ۽ 2 عورتون پڻ شامل آهن جن مون کي چيڪ پوسٽ تي حملي ڪرڻ جو چيو هو. معصوم ٻارڙي سهانا چيو ته هو ٽئين ڪلاس ۾ پڙهندي آهي، هن ٻڌايو ته سندس پيءُ معذور آهي جڏهن ته سندس ڀاءُ پنجين ڪلاس ۾ پڙهندو آهي. هن ٻڌايو ته چيڪ پوسٽ طرف وڌي رهي هيس ته مون رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ پوليس مون کي پڪڙي ورتو.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button