آبادگارن کان مارڪيٽ ڪميٽي ۽ لائسنس في جي مد ۾ وصولي بينڪ چالان ذريعي ڪئي وڃي
حيدرآباد: ڊائريڪٽرجنرل زرعي توسيع جناب شهاب الدين صديقي، آبادگارن کان مارڪيٽ ڪميٽي ۽ لائسنس جي فيس جي نقد وصولي واري نظام کي ختم ڪري بينڪ ذريعي ادائيگي ڪرڻ واري نظام کي متعارف ڪرايو آهي ته جيئن وصولي کي شفاف ۽ حڪومت کي ان جي ترت ادائيگي کي پڻ يقيني بڻائي سگهجي . اڄ پنهنجي آفيس حڪم ذريعي ڊائريڪٽر جنرل ايگريڪلچر زرعي توسيعي کاتي شهاب الدين صديقي سڄي سنڌ جي مارڪيٽ ڪميٽين جي اڳواڻن ۽ سيڪريٽرين کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته هو آبادگارن کان مارڪيٽ ڪميٽي ۽ لائسنس في جي مد ۾ وصولي رسيد بڪ تي ذريعي نه ڪن بلڪه کين بينڪ جا چالان فراهم ڪن ۽ وصولي واري ڪم کي بينڪ ذريعي يقيني بڻائين .هن آبادگارن کي پڻ مشورو ڏنو ته هو پنهنجي جنسن کي مارڪيٽ ۾ وڪري جي صورت ۾ مارڪيٽ ڪميٽي جي في مارڪيٽ ڪميٽي جي عملي کي ڏيڻ بدران ان کان بينڪ چالان وٺي بينبڪ ۾ جمع ڪرائين.هن مارڪيٽ ڪميٽين جي ميمبرن کي چتاءُ ڏنو ته ان سلسلي ۾ سندن ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي هن چيو ته سنڌ جي 23 ضلعن ۾ ڪم ڪندڙ 71 مارڪيٽ ڪميٽين جي ڪارڪردگي تي خفيه نظر داري ڪئي پئي وڃي جنهن تحت ڪوتاهي ڪندڙن کي سزا ۽ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڏيکاريندڙن ۾ انعام ورهايا ويندا.