گھوٽڪي

ڊي سي او گهوٽڪي پوليو مھم جو ٻارن کي پوليو جا قطر پياري پوليو مھم جو آغاز ڪري ڇڏيو

DCO GHOTKIگهوٽڪي: ڊي سي او گهوٽڪي زاهد علي عباسي تعلقه اسپتال گهوٽڪي ۾ پوليو خلاف مهم جو 5 سالن کان گهٽ عمر واري ٻارن کي پوليو جا قطرا پياري افتتاح ڪيو جڏهن ته هيءَ مهم 13 جون کان 15 جون تائي جاري رهندي. ان موقعي تي ڊي سي او صحت جي عملدارن ۽ ويڪسينيٽرس کي سختي سان هدايت ڪئي ته هو رهجي ويل ٻار ۽ انڪاري ٻارن تي خاص ڌيا ڏين ته جيئن هن مهم ۾ ڪو به ٻار رهجي نه وڃي ۽ فنگر مارڪنگ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ پوليو جي ڪوريج هر حالت ۾ 99 سيڪڙو کان گهٽ نه ٿيڻ گهرجي . هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته تعليم جي گهٽتائي جي ڪري جاڳرتا جي سخت ضرورت آهي ان سلسلي ۾ روينيو ۽ پوليس جي عملدارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو پوليو متعلق ماڻهن کي آگاه ڪن انڪار ڪندڙ والدين مذهبي ۽ علائقي جي معزز ماڻهن معرفت قائل بڻائين ته هو پنهنجي ٻارن کي پوليو جا قطرا پيارين ٻي صورت ۾ انهن جي ٻارن کي فورسلي قطرا پياريا ويندا ڇو ته هي هڪ قومي مسئلو آهي انڪري ڪو به ٻار رهجي ويو ته پوليو وائرس ختم ٿيڻ ۾ مسئلا پيدا ٿيندا. جڏهن ته گذريل سال گهوٽڪيءَ ۾ پوليو ڪيس ان ڪري سامهون آيا ڇو ته ٻوڏ سبب ٻاهرا جا ماڻهو لڏپلاڻ ڪري ضلعي گهوٽڪي ۾ آيا جنهن جي ڪري ڪيسن ۾ اضافو ٿيو. ان موقعي تي هن اي ڊي او هيلٿ ۽ ان جي عملدارن جي محنت کي ساراهيندي چيو ته اميد آهي ته ضلعو گهوٽڪي پوليو فري ڊسٽرڪٽ ٿي ويندو هن وڌيڪ ٻڌايو ته نيشنل ڪوآرڊينيٽر محترمه ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ۽ حڪومت سنڌ پوليو وائرس کي ختم ڪرڻ لاءِ سنجيدگيءَ سان ڪم ڪري رهي آهي ان سلسلي ۾ ڪابه سستي، ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button