حيدر آباد

پيپلز پارٽي حيدرآباد ڊويزن طرفان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو جنم ڏينهن 21 جون تي شاندار نموني سان ملهائڻ جو فيصلو

TAJ HAIDER MAKHDOOM JAMEL ZAMAN
حيدرآباد: پيپلز پارٽي حيدرآباد ڊويزن طرفان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو جنم ڏينهن 21 جون 2011ع تي انتهائي منظم ۽ شاندار نموني سان ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي اڳواڻ ۽ ڪارڪن ان موقعي تي پنهنجي رت جو عطيو پڻ ڏيندا، جنهن لاءِ هر ضلعي ۾ طبي ڪيمپون لڳائڻ لاءِ ڪاميٽيون جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اها ڳالهه بين الصوبائي رابطن واري صوبائي وزير ۽ پ پ حيدرآباد ڊويزن جي صدر مخدوم جميل الزمان جي صدارت ۾ پ پ حيدرآباد ڊويزن جي سرڪٽ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ ٻڌائي وئي، اجلاس کان پوءِ پيپلز پارٽي سنڌ جي سيڪريٽري جنرل تاج حيدر ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پيپلز پارٽي حيدرآباد ڊويزن طرفان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي خدمتن ۽ سندس جدوجهد بابت هڪ سيمينار جون جي آخر ۾ حيدرآباد ۾ منعقد ڪيو ويندو جنهن ۾ وڏو وزير ۽ پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر سيد قائم علي شاهه خاص مهمان طور شرڪت ڪندو. هن ٻڌايو ته سيمينار ۾ مختلف دانشورن ۽ ليکڪن کي پڻ گهرايو ويندو ته جيئن شهيد بينظير ڀٽو جي شخصيت بابت بهتر مڪالمو ٿئي ۽ سندس شخصيت جي مختلف پهلوئن کي اجاگر ڪري سگهجي. هن چيو ته ماضيءَ ۾ محترمه جي سالگره اسان لاءِ جشن جي حيثيت رکندي هئي پر هاڻ انهيءَ ڏينهن تي هر ڪارڪن جي اکين ۾ ڳوڙها هوندا آهن، تنهن هوندي به اهي ڳوڙها ۽ ڏک اسان کي پنهنجي فرض جو احساس ڏيارين ٿا. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽيءَ طرفان صوبي جي مختلف شهرن ۾ شهيد محترمه جون تصويرون ۽ بينر لڳائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي ته جيئن نئين نسل کي پنهنجي اڳواڻن بابت آگاهه ڪري سگهون. هن چيو ته ان سلسلي ۾ هڪ پبلسٽي ڪاميٽي صوبائي سطح تي جوڙي وئي آهي جڏهن ته وڌيڪ هڪ پبلسٽي ڪميٽي حيدرآباد ڊويزن جي سطح تي جوڙي ويندي. تاج حيدر وڌيڪ چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو آمريت خلاف ۽ جمهوريت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جدوجهد ۾ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو، اسان سندس شهادت کي رائگان وڃڻ نه ڏينداسين، حڪومتون اچڻيون ۽ وڃڻيون آهن پر عوام ۾ جمهوري شعور بيدار ڪرڻ اسان جو مشن آهي جنهن تي عمل ڪندا رهنداسين ۽ انهيءَ طريقي سان آمريت وارن ۽ جمهوريت دشمن عنصرن کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي، ان موقعي تي بين الصوبائي رابطن واري صوبائي وزير ۽ پيپلز پارٽي حيدرآباد ڊويزن جي صدر مخدوم جميل الزمان چيو ته حيدرآباد پيپلز پارٽيءَ جو ڳڙهه آهي ۽ هتان جي عوام پيپلز پارٽيءَ جي مثالي حمايت ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ته اهو اڄ به پ پ سان گڏ آهي، هن چيو ته صحافين جون پيپلز پارٽيءَ لاءِ وڏيون قربانيون آهن جنهن ڪري ميڊيا جي ان ڪردار کي ڪڏهن به نظر انداز نٿو ڪري سگهجي، ان موقعي تي پيپلز پارٽي اڳواڻ سردار ڪمال خان چانگ، ايم پي اي امير علي شاهه هاشمي، مير فتح ٽالپر، امان الله سيال، ڊاڪٽر تحسين شيخ، ضيا عباس شاهه رضوي، حنا دستگير، الهه بچايو سومرو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button