حيدر آباد

پاڪستان ايئر فورس ۾ ڀرتي جاري

حيدرآباد : پاڪستان ائيرفورس حيدرآباد پڌرو ڪيو آهي ته پاڪستان ائير فورس جي انجنيئرنگ برانچن (ميڪينڪل ، ميڪاٽرونڪس، ايرواسپيس، سافٽ ويئر، اليڪٽرونڪس، ايوي آنڪس، ٽيلي ڪام، ڪميونيڪيشن، ڪميونيڪيشن سسٽم ، ڪمپيوٽرسسٽم،ڪمپيوٽرانجنيئرنگ، ٽيڪسٽائل ) ايجوڪيشن (سائيڪالاجي، لائبريري سائنس ، ڪامرس) ، ميڊيڪل اسپيشلسٽ (انيسٿيا، ريڊيولاجسٽ) آءِ ٽي ، لاجسٽڪس، اڪائونٽس ۽ ليگل ۾ بطورڪميشنڊ آفيسر ڀرتي لاءِ رجسٽريشن 7 جون کان 14 جون 2011 تائين جاري رهندي .پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته عورتون صرف اسپيشلسٽ آءِ ٽي ، لاجسٽڪس ۽ اڪائونٽس ۾ اپلاءِ ڪري سگهن ٿيون.وڌيڪ معلومات پاڪستان ائيرفورس انفارميشن اينڊ سلڪيشن سينٽر حيدرآباد جي فون نمبر 0229200936 تي صبح جو 8 وڳي کان منجهند جو 2 وڳي تائين حاصل ڪري سگهجي ٿي جڏهن ته اميدوار پي اي ايف جي ويب سائيٽ www.joinpaf.gov.pk تي به رجسٽريشن ڪري سگهن ٿا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button