حيدر آباد

ملڪ ۾ جاري توانائي واري بحران جو ذميوار نواز ليگ جو سربراهه نواز شريف آهي: شرجيل ميمڻ

Sharjeel Memon1
شرجيل ميمڻ ميڊيا سان ڳالھائيندي
حيدرآباد : اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي مهاجر نشستن تي رٿيل چونڊون امن مان جي صورتحال بهتر نه هئڻ ڪري ملتوي ٿيون آهن ۽ مفاهمتي پاليسي ، جمهوري ادارن کي وڌيڪ مستحڪم ۽ ڪامياب بنائڻ لاءِ ضروري آهي ته الزام تراشي کان پاسو ڪيو وڃي –هن وڌيڪ چيو ته متحده قومي موومينٽ پ پ پ جي مضبوط اتحادي جماعت آهي ۽ جيڪڏهن ٻنهي ڌرين ۾ ڪي اختلاف پيدا ٿين ٿا ته انهن کي ڳالهين ذريعي حل ڪيو ويندو آهي – هن اهڙو اظهار اڄ پريس ڪلب حيدرآباد ۾ ميٽ دي پريس دوارن صحافين کي خطاب ڪندي ڪيو- هن چيو ته پ پ پ ڪنهن به جماعت تي دٻاءُ وجهڻ تي يقين نه ٿي رکي ۽ نه ئي وري خود ڪنهن جو دٻاءُ برداشت ڪري ٿي ، پ پ پ جمهوري ۽ عوامي جماعت آهي اها عوام جي طاقت ۾ يقين رکي ٿي ۽ ان جي خدمت لاءِ قربانيون ڏيندي رهي آهي پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته بلدياتي چونڊن بابت ڪا به ڊيڊ لا ئين نه ٿي ڏئي سگهجي ان حوالي سان سمورين اتحادي ڌرين سان ڳالهيون هلندڙ آهن تمام جلد ڪو حتمي فيصلو سامهون اچي ويندو- هن چيو ته ڪراچي ۾ حالتون بهتر نه هجڻ سبب بلدياتي چونڊون نه ٿيون ڪرائي سگهجن ڇاڪاڻ ته اليڪشن دواران امن امان جي صورتحال کي ضابطي ۾ رکڻ حڪمران ڌر جو فرض آهي ۽ اسان اليڪشن کان وڌيڪ انساني جانين کي اهميت ڏئي رهيا آهيون – نواز ليگ بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ملڪ ۾ جاري توانائي واري بحران جو ذميوار نواز ليگ جو سربراهه نواز شريف آهي ڇاڪاڻ ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو طرفان 1992 ع ڌاري ملڪ کي درپيش توانائي جي کوٽ کي نظر ۾ رکندي ٿر ڪول ۽ شاهه بندر پروجيڪٽ شروع ڪيا ويا پرافسو س سان چوڻو پوي ٿو ته نواز شريف اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ملڪي مفادن کي نظر انداز ڪندي سياسي انتقامي ڪاروائي ڪندي اهڙا منصوبا بند ڪرائي ڇڏيا- هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اهي منصوبا مڪمل ٿين ها ته اڄ نه صرف ملڪ ۾ سستي بجلي هجي ها پر اسان بجلي ايڪسپورٽ ڪرڻ جي به قابل بڻجي وڃون ها گڏو گڏ ملڪ ۾ صنعتي خوشحالي جو دور به شروع ٿئي ها- هن وڌڪ چيو ته پ پ پ ميثاق جمهوريت تي 80 سيڪڙو کان وڌيڪ عمل ڪري چڪي آهي پر نواز شريف طرفان ميثاق جمهوريت جي ڀڃڪڙي ڪرڻ، صدر مملڪت ۽ پ پ پ تي اجايا الزام هڻڻ ۽ طالبانن واري سوچ رکڻ وارن بيانن مان ثابت ٿئي ٿو ته نواز ليگ جهادي بڻجڻ جي ڪو شش ڪري رهي آهي – ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي حوالي سان پڇيل هڪ سوال تي هن چيو ته پ پ پ حڪومت پنهنجي دور ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث اشتهاري ڏوهاري گرفتار ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ته پ پ پ ٽارگيٽ ڪلنگ جي خاتمي لاءِ سنجيده آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي – هڪٻئي سوال تي هن چيو ته صدر مملڪت جناب آصف علي زرداري جي خاص هدايتن تحت امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ صوبي اندر درياه سنڌ جي بندن جي معياري مرمتي ڪم کي وقت سر مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو پيو وڃي جڏهن ته سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه بندن جي مرمت واري ڪم جو معائنو ڪرڻ لاءِ هفتي ۾ ٻه ڀيرا دورا پڻ ڪري رهيو آهي – گهر شماري جي حوالي سان هڪ سوال تي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته گهر شماري واري عمل دوران رهجي ويل علائقن بابت شڪايتون ملڻ تي خصوصي ٽيمون جوڙي رهيل ڪم کي پورو ڪري ورتو آهي جڏهن ته ٻوڏ متاثرن کي وطن ڪارڊ نه ملڻ وارا الزام حڪو مت خلاف سڌي سنئي پروپيگنڊا آهي – هن چيو ته نام نهاد قوم پرستن جو مقصد جمهوري حڪومت خلاف سازش ڪرڻ آهي هن چيو ته قومپرست ڊڪٽيٽرن جي دور ۾ گهرن ۾ لڪي ويهندا آهن پر جمهوري دور اچڻ سان اهي روڊن تي اچي عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن – هن وڌيڪ چيو ته عوام اهڙن نام نهاد قومپرستن کي ٿڏي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي کين گهرجي اهي پنهنجو عمل درست ڪري عوامي مقبوليت حاصل ڪن صحافي سليم شهزاد ۽ ولي خان بابر جي قتل بابت پڇيل هڪ سوال تي صوبائي وزير چيو ته سليم شهزاد جي قتل بابت هڪ ڪميشن جوڙي وئي آهي جڏهن ته ولي خان بابر جي قاتلن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي هن صحافين کي اپيل ڪئي ته اهي ولي خان بابر جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن – هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته پ پ پ غير تڪراري ۽ ننڍن ڊيمن ٺاهڻ جي ڪڏهن به مخالفت نه ڪئي آهي پر تڪراري ڊيمن بابت اتفاق راءِ سان ئي ڪو فيصلو ڪري سگهجي ٿو ڇاڪاڻ ته پ پ پ هميشه فيڊريشن جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ سمورين ڌرين جي موقف کي اهميت پڻ ڏني آهي – هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت طرفان اطلاعات کاتي ڪراچي ۾ شهيد صحافين لاءِ شهدا گئلري قائم ڪرڻ ، شهيد صحافين جي وارثن کي ماهوار وظيفو ڏيڻ ۽ شهيد صحافي جي هڪ وارث کي مستقل روزگار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته سمورن صحافين جي رجسٽريشن پڻ ڪئي ويندي ته جئين کين حڪومت طرفان طبي ۽ مالي سهولتون فراهم ڪري سگهجن – صوبائي وزير چيو ته اطلاعات کاتي ۾ پڻ سڌارا آندا ويندا ته جئين هن کاتي وسيلي ميڊيا ، حڪومت ۽ عوام وچ ۾ ويجهو رابطو رهي سگهي- ان موقعي تي هن پريس ڪلب حيدرآباد لاءِ اڳواٽ علانيل 5 لک روپين جي گرانٽ هڪ مهيني اندر جاري ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو –

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button