حيدر آباد

مالوند ماڻھو سانوڻ جي برسات دوران پنهنجن جانورن کي مختلف وچڙندڙ بيمارين کان بچاءَ لاءِٽڪا ھڻائن: ڊائريڪٽر اينيمل هسبينڊري

حيدرآباد: ڊائريڪٽر اينيمل هسبينڊري سنڌ حيدرآباد مالوندن ڀائرن کي صلاح ڏني آهي ته هو سانوڻ جي برسات دوران پنهنجن جانورن کي مختلف وچڙندڙ بيمارين کان محفوظ رکڻ لاءِ پنهنجي ويجهي وٽرنري اسپتالن يا ڊسپينسرين تان جانورن کي حفاظتي ٽڪا هڻائين. هن مالوندن ڀائرن کي اها به صلاح ڏني آهي ته هو ضلعي لائيو اسٽاڪ آفيسر يا لاڳاپيل ضلعي اينيمل هسبينڊري سان لهه وچڙ ۾ اچن يا ايمرجنسي صورت ۾ فون نمبر 0229200990 تي به رابطو ڪري سگهن ٿا .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button