حيدر آباد

فيض احمد فيض جي شاعري جي مڪمل سير يز سنڌي ۾ ترجمو ڪرائڻ لاءِ بجيٽ ۾ رقم مختص ڪئي: سسئي پليجو

حيدرآباد : سنڌ جي ثقافت کاتي واري صوبائي وزير سسئي پليجو چيو آهي ته صدر پاڪستان جناب آصف علي زرداري جي خاص هدايتن تحت ناليواري شاعر فيض احمد فيض جي شاعري جي مڪمل سير يز سنڌي ۾ ترجمو ڪرائڻ لاءِ مالي سال 2012_2011 جي بجيٽ ۾ رقم مختص ڪئي وئي آهي جڏهن ته سنڌ جي ثقافت کاتي طرفان سال 2011 جي آخر تائين ملڪ جي شاعرن ۽ اديبن کي فيض ايوارڊ پڻ ڏنا ويندا .هن اهڙو اظهار گذريل رات دير سان سنڌي ادبي سنگت ۽ ثقافت کاتي پاران سنڌ ميوزيم حيدرآباد جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ فيض احمد فيض جي 100 هين سالگره جي جشن جي سلسلي ۾ منعقد ڪيل هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو .تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته فيض احمد فيض پنهنجي شاعري ۾ بنا ڪنهن متڀيد جي ڀائيچاري، انسان دوست هجڻ جو درس ڏنو ۽ هو هڪ عالمي سطح جو شاعر هو . هن چيو ته فيض عالم اسلام جي پرچار پڻ ڪئي ۽ جمهوري سوچ رکندڙ هو جنهن سدائين ظلم ۽ ڏاڍ خلاف آواز بلند ڪيو . اردو زبان جي اديب ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين جي اڳواڻ راحت سعيد چيو ته فيض اسان نه پر سنڌي اديب سنگت جو شاعر آهي ، انجمن سنڌي سميت ملڪ ۾ موجود ٻولين کي قومي ٻولي سمجهي ٿي .
ان موقعي تي اردو جي شاعره ۽ اديبه ڊاڪٽر فاطمه حسن چيو ته فيض احمد فيض جي شاعري ۾ سماج جي رنگ سان گڏ سامراجي قوتن سان مزاحمت وارو رنگ به شامل آهي . انجمن ترقي پسند مصنفين جي سيڪريٽري پروفيسر جمال نقوي چيو ته فيض احمد فيض نفيس شخصيت جو مالڪ هو . دانشور جامي چانڊيو چيو ته فيض مظلومن جو درد محسوس ڪندڙ شاعر هو ۽ انساني تاريخ ۾ تمام گهٽ اهڙا ماڻهو آهن جن کي فيض جهڙي مڃتا ملي آهي . تقريب جي آخر ۾ محفل مشاعرو پڻ ٿيو جنهن ۾ ناميارن شاعرن امداد حسيني ،ڊاڪٽر فاطمه حسن، ڊاڪٽر جمال نقوي، سحر امداد، علي دوست جعفري، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، مشتاق ڦل ۽ ٻين شاعري جي صورت ۾ پنهنجو ڪلام پيش ڪري فيض احمد فيض کي ڀيٽا ڏني.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button