بدين

عربي سمنڊ ۾ طوفان جي اڳڪٿي کان بدين انتظاميا بي خبر

بدين (م ڊ) : موسميات کاتي طرفان بدين ۽ ٺٽي ضلعن لڳ عربي سمنڊ ۾ طوفان اٿڻ جي اڳڪٿي ڪرڻ باوجود بدين ضلعي انتظاميا طرفان اڻڄائي ظاهر ڪندي ڪي به حفاظتي انتظام نه ڪيا ويا آهن. بدين ضلعي جي سامونڊي علائقن ۾ رهندڙ لکين ماڻهن ۾ سخت خوف ۽ هراس پکڙجڻ سان گڏوگڏ ماهيگيرن احتياطن سمنڊ ۾ وڃڻ بند ڪري هوڙا ڪنارن تي آڻڻ شروع ڪيا آهن. جڏهن ته سوين ماهيگير ۽ هوڙا اڃا تائين سمنڊ ۾ آهن. زيرو پوائنٽ سان لڳندڙ علائقن روپا ماڙي، شيخاڻي گهاڙي، احمد راڄو، جاتي تڙ، شيخ ڪرهيو جي رهواسين رمضان شيخ، نور احمد، امير سميجي ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته کين ٽي وي تي ميڊيا رپورٽن ذريعي طوفان اچڻ بابت معلومات ملي آهي. ضلعي جي پوليس ۽ روينيو سميت انتظاميا جي ڪنهن به اداري کين ڪو به اطلاع نه ڏنو آهي. ٻي طرف اي ڊي او روينيو ريحان بلوچ موجب کيس سنڌ حڪومت يا موسميات کاتي طرفان ڪابه آگاهي نه ملي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button