حيدر آباد

شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ رت جو عطيو ڏيڻ بهترين طريقو آهي: تاج حيدر

حيدرآباد : پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري تاج حيدر چيو آهي ته شهيد محترمه بينظيرڀٽو کي ان جي سالگرهه جي موقعي تي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ نوجوانن پاران ڏنل رت جي عطيي کي محفوظ بنائڻ ۽ ان جي اسڪريننگ لاءِ سنڌ جي صحت کاتي ۽ مشهور بلڊ بينڪن جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون. سرڪاري ميڊيا سان ڳالهائيندي تاج حيدر چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو، ملڪ ۽ قوم لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو ۽ ان کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ رت جو عطيو ڏيڻ بهترين طريقو آهي . هن چيو ته رت جو عطيو جمع ڪرڻ جي ٽن ڏينهن واري مهم 20 جون 2011 کان گرمي سبب شام جي وقت ۾ شروع ٿيندي . هن چيو ته صحت جي عالمي معيار کي نظر ۾ رکندي رت جو عطيو وصول ڪرڻ لاءِ ڪيمپون صرف اسپتالن جي سامهون لڳايون وينديون ته جيئن اسپتالن جي اندرموجود سهولتن مان فائدو حاصل ڪري سگهجي.هن چيو ته ان ڪم لاءِ سنڌ جي صحت کاتي ۽ ناليوارين بلڊ بينڪن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن جنهن ۾ حسيني بلڊ بينڪ ، فاطميد بلڊ بينڪ، سکر بلڊ بينڪ ۽ نوابشاهه ٿيلسيميا سينٽرشامل آهن جن جو عملو رت جي محفوظ منتقلي، ان کي محفوظ ۽ ان جي اسڪريننگ ڪندو . هن چيو ته ان ڪم لاءِ هڪ منصوبو جوڙيو ويو آهي جنهن تحت حسيني بلڊ بينڪ ڪراچي جي ايسٽ ۽ ويسٽ ضلعن، حيدرآباد ، ڄامشورو ، خيرپور، جيڪب آباد ، ڪنڌ ڪوٽ ، ٺٽو ، بدين ۽ ٿرپارڪر ۾ رت جي منتقلي واريون ذميواريون ادا ڪندو جڏهن ته فاطميد بلڊ بينڪ ضلعي ٽندو الهيار، ٽنڊو محمد خان، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، دادو، مٽياري، ڪراچي سينٽرل ۽ سائوٿ ضلعن ۾ رت جي متنقلي جي سارسنڀال ڪند _ اهڙي طرح سکر بلڊ بينڪ کي ذميواري ڏني وئي آهي ته هو ضلعي سکر ،شڪارپور،لاڙڪاڻي، گهوٽڪي،قمبر_شهدادڪوٽ ۽ ڪراچي جي ملير ضلعي ۾ رت جي متنقلي جي سارسنڀال ڪند .ان کان علاوه نوابشاهه ٿيلسيميا سينٽر ضلعي بينظير آباد، نوشهروفيروز ۽ سانگهڙ ۾ رت جي منتقلي جي نگراني ڪندو. هن چيو ته سنڌ ۾ سرڪاري ۽ نجي بلڊ بينڪن ۾ 15 هزار رت جون بوتلون رکڻ جي گنجائش موجود آهي جڏهن ته محترمه جي سالگره جي موقعي تي ان کان وڌيڪ رت جي بوتلن جي عطيي جي اميد آهي .بحرحال هن چيو ته گنجائش کان وڌيڪ رت جي بوتلن کي خير سگالي واري جذبي تحت ٻين صوبن ڏانهن به موڪليو ويندو .هن چيو ته عطيي طور تي وصول ڪيل رت جي اسڪريننگ کي عالمي معيار موجب يقيني بڻايو ويندو جنهن تحت پهرين مرحلي ۾ بين القوامي پروٽوڪول تحت لسٽ ۾ شامل پکڙجندڙ بيمارين جي اسڪريننگ شامل بلڊ بينڪ ڪنديون جڏهن ته ٻئي مرحلي تحت اها اسڪريننگ ان شامل بلڊ بينڪن کان رت جون بوتلون وصول ڪندڙ ڪندا _ هن چيو ته طريقيڪار مطابق هر بلڊ بينڪ تي عطيو ڏيڻ وارن جو ڪوڊ نمبر لڳايو ويندو جنهن سان اسڪريننگ دوران ڪنهن به بيماري جي نشاندهي ٿيڻ تي رت جو عطيو ڏيڻ واري کي ٽريس ڪري سگهبو . هن چيو ته اها مهم پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ ان جا ذيلي ادارا پيپلز ڊاڪٽر فورم ، پيپلز پيرا ميڊيڪل جي گڏيل ڪوششن جو عمل آهي جڏهن ته سنڌ جي صحت کاتي ۽ لاڳاپيل ضلعي حڪومتن انساني همدردي جي بنياد تي مهم ۾ مدد ڪندا . هن چيو ته مهم دوران امن امان واري صورتحال کي برقرار رکڻ کان علاوه رت جي عطيي وارين ڪيمپن تي گهربل سهولتون جهڙوڪ اسٽينڊ باءِ جنريٽر، پيڊ سٽل فين ۽ عطيو ڏيڻ وارن لاءِ منرل واٽر، جوس ۽ بسڪٽن جو انتظام پڻ ڪيو ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button