حيدر آباد

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن فزڪس (مرد) بي پي ايس 17 جي آسامين لاءِ ڪامياب اميدوارن جا نالا پڌرا ڪري ڇڏيا

حيدرآباد ( هه آ ) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حيدرآباد جي امتحانن واري ايڊيشنل ڪنٽرولر جي پڌرائي موجب سنڌ جي تعليم ۽ خواندگي کاتي ۾ ليڪچرار فزڪس (مرد) بي پي ايس 17 جي آسامين لاءِ مئي 2011 ۾ ورتل اهل اميدوارن کان انٽرويو ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جا نالا پڌرا ڪيا ويا آهن .
تفصيل موجب ليڪچرار فزڪس (مرد) جي آسامين لاءِ آئيون مسيح، عبدالرحمان، اختر علي ، محمد شهزاد ، مشتاق علي، محمد عاطف عباس، اشفاق احمد لوهاٽ، سيد عامر قمر، محمد يونس، عبدالرئوف مهيسر، محمد ارشد، نعيف رفيق، جهانگيرڪورائي، غلام حسين ، گل زمان ، طارق علي سيال، عامر احمد سومرو، محمد ڪاشف شيخ، سيدطاحه عباس رضوي، عبدالرحيم، عارف اختر اعظم، عبدالساجد،محمد فاروق ، محمد ڪاشف خان، محمد عمر سومرو، طارق حميد خان، سيلم احمد ، محمد اسلم، نور محمد شيخ، اشوڪ ڪمار، شهباز علي ، شڪيل احمد ، ابرارحسين ڪورائي، محمد اسحاق، اشفاق احمد، منور علي سرگاڻي، علي مراد ڪيهر، محمد صديق، غلام علي، ذيشان احمد خان، محمد فاروق ،مهر علي سومرو ۽ محمد احسان الله ميمڻ کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حيدرآباد پاران جاري ڪيل هڪ ٻئي پڌرائي ۾ سنڌ جي تعليم ۽ خواندگي کاتي ۾ ليڪچرار سنڌي ( مرد ۽ عورت) بي پي ايس 17 ، ليڪچرار زولاجي ( مرد ۽ عورت) بي پي ايس 17 ۽ ليڪچرار جنرل هسٽري ( مرد ۽ عورت ) بي پي ايس 17 جي آسامين لاءِ اهل اميدوارن کان جنوري ۽ فيبروري 2011 ۾ ورتل ابتدائي لکت واري امتحان ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جي نتيجن جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button