حيدر آباد

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن سوشالاجي جي ليڪچرارن جا نالا پڌرا ڪري ڇڏيا

حيدرآباد: سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حيدرآباد جي امتحانن واري ايڊيشنل ڪنٽرول پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ جي تعليم ۽ خواندگي کاتي ۾ ليڪچرار سوشالاجي (مرد /عورت) بي پي ايس 17 جي خالي آسامين لاءِ جون 2011 ۾ اهل اميدوارن کان ورتل انٽرويو ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب عبدالقادر مشوري، نديم علي خشڪ، فيض رسول (معذور)، محمد عرس همير علي باريجو، عبدالرشيد، گيانچند، نظام الدين اوڍاڻو، غوث بخش، سيد عشرت علي، محمود احمد عثماني ۽ طفيل محمد غوري کي ليڪچرار سوشالاجي (مرد) جي خالي آسامين لاءِ جڏهن ته چاند بيبي سيد، ماروي خان کوسو، مبينا تبسم، تسليم جهان، ڪوثر پروين ۽سلما کي ليڪچرار سوشالاجي(عورت) بي پي ايس 17 جي خالي آسامين لاءِ ڪامياب قرار ڏيندي سندن ڄاڻايل آسامين تي مقرري جي سفارش ڪئي آهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button