حيدر آباد

سماجي ڪارڪن نثار احمد چانڊيو جي اوچتي لاڏاڻي تي اطلاعات کاتي ڌک جو اظھار

حيدرآباد : سنڌ اطلاعات کاتي حيدرآباد جي عملدارن ۽ عملي جي هڪ تعزيتي گڏجاڻي اڄ ريجنل ڊائريڪٽر اطلاعات حيدرآباد جناب امداد علي ڪيريو جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ ٿي جنهن ۾ سڪرنڊ تعلقي جي نوجوان زميندار ۽ سماجي ڪارڪن نثار احمد چانڊيو جي اوچتي لاڏاڻي تي سندس ڀاءُ نور احمد چانڊيو سان تعزيت جو اظهار ڪندي دعا گهري وئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي _ گڏجاڻي ۾ سڪرنڊ جي برک صحافي غلام قادر چانِڊيو جي والد جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي دعا گهري وئي ته رب پاڪ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button