حيدر آباد

سانوڻ جي برساتن کان اڳ شهر ۾ نيڪال جي نالن جي صفائي سٿرائي واري ڪم کي هنگامي بنيادن تي اڪلايو وڃي: صوبائي وزير

Zubair Ahmed Minister
حيدرآباد : صوبائي وزير ٻهراڙي جي ترقي زبير احمد خان ترقياتي اداري حيدرآباد سميت تعلقي ايڊمنسٽريٽرن ۽ لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي سختي سان هدايت ڪئي ڪئي آهي ته هو سانوڻ جي برساتن کان اڳ شهر ۾ پاڻي جي نيڪال وارين نالين جي صفائي سٿرائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا گهربل انتظام اڳواٽ ڪن ته جيئن برسات دوران شهر ۾ پاڻي گڏ نه ٿئي . اهڙي هدايت هن گذريل رات ضلعي ناظم سيڪريٽريٽ حيدرآباد ۾ امڪاني برسات ۽ ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اپاءُ وٺڻ جي سلسلي ۾ سڏايل هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڏني. گڏجاڻي ۾ ايم اين اين اي سيد طيب حسين ، ايم اين اي سيد صلاح الدين ضلعي ، ايڊمنسٽريٽر حِيدرآباد آفتاب احمد کتري، ايم پي اي وسيم حسين، ايم پي اي اڪرم عادل ، چئني تعلقن جي ايڊمنسٽريٽرن، ايم ڊي واسا، ترقياتي اداري حيدرآباد جي واسطيدار عملدارن ۽ آبپاشي کاتي جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي . صوبائي وزير زبير احمد خان چيو ته متحده قومي موومينٽ ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات جاکوڙي رهي آهي ۽ کين گهربل سهولتن جي فراهمي ۾ يقيني رکي ٿي . هن چيو ته سانوڻ جي برساتن کان اڳ شهر ۾ نيڪال جي نالن جي صفائي سٿرائي واري ڪم کي هنگامي بنيادن تي اڪلايو وڃي ته جيئن ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کان بچي سگهجي . هن، ايم ڊي واسا کي هدايت ڪئي ته هو سڀني پمپنگ اسٽيشنن جو دورو ڪري موٽرن کي چالو حالت ۾ رکڻ لاءِ ضروري انتطام ڪري جڏهن ته خراب موٽرن جي ترت مرمت ڪرائڻ سميت اتي اسٽينڊ باءِ جنريٽر ۽ ڊيزل جي موجودگي کي پڻ يقيني بڻايو وڃي.هن، شهر ۾ صفائي سٿرائي جي انتطامن تي پنهنجي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي تعلقي ايڊمنسٽريٽرن کي شهر ۾ صفائي سٿرائي کي يقيني بنائڻ لاءِ گهربل مشينري ۽ سموري صفائي واري عملي کي صفائي واري ڪم ۾ لڳائڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته حددخلين جي خاتمي لاءِ پڻ مهم شروع ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته حددخلين جي خاتمي کانسواءِ عوام کي گهربل سهولتن جي فراهمي ناممڪن آهي .هن آبپاشي کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته امڪاني ٻوڏ جي پيش نظر سنڌو دريا جي زبون حال بندن جو معائنو ڪري ان جي فوري مرمت ڪرائڻ سميت اتي آبڪلاڻي سامان ۽ عملي جي موجودگي کي يقيني بڻائڻ لاءِ گهربل قدم کنيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته رين اينڊ فلڊ ايمرجسني جي انتظامن ۾ ڪوتائي ڪندڙ عملدارن ۽ عملي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي . گڏجاڻي ۾ ايم ڊي واسا ۽ آبپاشي کاتي جي عملدارن رين اينڊ فلڊ ايمرجنسي جي حوالي سان صوبائي وزير ۽ عوامي نمائندن کي تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button