حيدر آباد

بينظير ڀٽو شهيد هڪ انقلابي ۽ دور انديش اڳواڻ جي عنوان هيٺ هڪ سيمينار 26 جون تي حيدرآباد ۾ منعقد ٿي رھيو آھي

حيدرآباد : پاڪستان پيپلز پارٽي حيدرآباد ڊويزن طرفان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 59 هين سالگره جي مناسبت سان 26 جون 2011 تي حيدرآباد ۾ محترمه شهيد بينظير ڀٽو شهيد هڪ انقلابي ۽ دور انديش اڳواڻ جي عنوان هيٺ هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويندو جنهن جي صدارت پ پ پ سنڌ جو صدر ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ڪندو – اڄ هتي جاري هڪ پريس رليز مطابق پ پ پ حيدرآباد ڊويزن جي صدر ۽ بين الصوبائي رابطن واري صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان ٻڌايو ته سيمينار ۾ پ پ پ جا مرڪزي اڳواڻ ، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا ، وفاقي وزير قانون مولا بخش چانڊيو، سينيٽر رضا رباني ، ڊاڪٽر پروفيسر اين ڊي خان، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ، تاج حيدر ، سميت سنڌ جا ڀلوڙ اديب محمد ابراهيم جويو، يوسف شاهين ، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي ، آغا سليم ، حفيظ لاکو ، نورلالهٰديٰ شاهه، نذير لغاري ، امر سنڌو ، ڊاڪٽر عبدالجبار خٽڪ ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شخصيت ۽ خدمتن تي روشني وجهندا جڏهن ته سيمينار ۾ پ پ پ حيدرآباد ڊويزن جي 8 ضلعن سميت ذيلي تنظيمن جا ڪارڪن شرڪت ڪندا

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button