بلوچستانپنجاب

بلوچ اڳواڻن سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون،جمهوريت کي ڪمزور ڪندڙ ملڪ جا خيرخواهه نه آهن:وزير اعظم

ملتان/ ڪوئيٽا (م ڊ ) وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته قومي مفادن ۾ بلوچ اڳواڻن سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون جڏهنته گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا بابت ا هاڪاري اڳڀرائي ٿي آهي، بلوچستان صوبي ۾امن امان بابت ڪوئيٽا ۾ ڪوٺايل اهماجلاس کي خطاب ڪندي وزي اعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڻ هرمهيني بلوچستان جو دورو ڪندس،هن چيو ته وفاقي ڪابينا جو ايندڙ اجلاس ڪوئيٽا ۾ ٿيندو، سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته جمهوري حڪومت طرفان بلوچستان کي ڏنل آغاز حقوق پيڪيج تي عمل جاري آهي جيڪڏهن توهان کي اسان تي اعتبار ناهي ته وفاقي ڪابينا جو ايندڙ اجلاس ڪوئيٽا ۾ ڪرايو ويندو ۽ ان جي ايجنڊا صرف آغاز حقوق بلوچستان هوندو. هن چيو ته بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن کي رولڙي جو شڪار ٿيڻ نه ڏينداسين، گورنر بلوچستان سان گڏجي صوبي ۾ امن امان جي حوالي سان پاليسيون جوڙيون آهن، بلوچستان ۾امن جو قيام پهرين ترجيح آهي،هن چيو ته بلوچستان جي وڌيڪ نوجوانن کي روزگار ڏنو ويندو جڏهن ته ترقياتي رٿائن لاءِ رکيل پئسا ڪارڪنن جي رٿا تحت خرچ ڪيا ويندا، وزير اعظم چيو ته اسان تي اعتماد ڪيو وڃي صدر وزير اعظم يا ٻين حڪمرانن سان اختلاف ٿي سگهي ٿو پر شهيد راڻي سان ڪنهن جو اختلاف نه ٿو ٿي سگهي اسان سندس ڪيل واعدن کي پورو ڪنداسين، هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ انقلابي پارٽي آهي ملڪ ۾اها ئي انقلاب آڻي سگهي ٿي،هن چيو ته اسان ميثاق جمهوريت تي 80 سيڪڙع عمل ڪيو آهي، آمرن آئين جي شڪل بگاڙي ڇڏي هئي جنهن کي درست ڪيو ويو آهي، نڍين چونڊن ۾ عوام پ پ کي ڪامياب ڪري اسان عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ لآءِ هر قدم کڻنداسين، وزير اعظم وڌيڪ چيو ته هن وقت ملڪ ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي ڪارڪنن جي محنت سبب پارٽي کي اقتدار مليو ان کان اڳ سرڪٽ هائوس ۾ ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائندي.وزيراعظم چيو ته بجيٽ ٻڌڻ هر پاڪستاني جو بنيادي حق هو پر اجلاس دوران مخالف ڌر غير جمهوري رويو اختيار ڪيو. هن چيو ته معاشي بدحالي سڄي دنيا ۾ آهي،جڏهن ته هنن ڏکين معاشي حالتن،دهشتگردي ۽ ٻوڏ باوجود عوام دوست بجيٽ پيش ڪئي. سيد يوسف رضا گيلاني جو چوڻ هو ته صوبن ٻوڏ متاثرن کي پئسا ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ اهو خرچ به وفاق ادا ڪيو. هن چيو ته هو مفاهمت واري پاليسي تي عمل ڪري رهيا آهن ۽ ان جذبي تحت ئي هنن ٻوڏ متاثرن کي پهريون وطن ڪارڊ نواز شريف جي هٿان ڏياريو.سندس چوڻ هو ته اين ايف سي ايوارڊ سندن سڀ کان وڏو ڪريڊٽ آهي،جنهن ذريعي وسيلن جو رخ صوبن ڏانهن ڪيو ويو.هن چيو ته ٻوڏ متاثرن ۾ 2 ڪروڙ وطن ڪارڊ ورهايا ويا،جڏهن ته صوبن جو خرچ به وفاق پاڻ ادا ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته ذوالفقار ڀٽي ۽ محترمه بينظير ڀٽو جمهوريت لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو. هن عالمن تي زور ڀريو ته هو دهشتگردي ۽ انتهاپسندي واري هن وقت ۾ متحد ٿي وڃن. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته اسلام امن پسند مذهب آهي،جيڪو ايڪي ۽ ٻڌي جو درس ڏئي ٿو. وزيراعظم يوسف رضا گيلاني مدرسن ۾ هڪ جهڙو نصاب لاڳو ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو. وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته حڪومت موجوده حالتن ۾ حقيقت پسندانه بجٽ پيش ڪئي آهي جيڪي چيلينج اسان کي ورثي ۾ مليا هئا ٽن سالن دوران انهن کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. پنجاب اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جا ميمبر بجٽ دوران قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جو جهڙو رويو اختيار نه ڪندا. جمهوريت کي غير مستحڪم ڪندڙ هن ملڪ جا خير خواه نه آهن. اسان اهڙو قدم نه کڻندا سين جنهن سان جمهوريت غير مستحڪم ڏئي. ملتان سان تعلق رکندڙ قومي اخبارن جي ايڊيٽرن ۽ اخبار وڪرو ڪندڙ يونين جي وفد سان ملاقات دوران هن چيو ته عالمي اقتصادي بحران ٻوڏ ۽ دهشتگردي اسان جي معيشت کي متاثر ڪيو. ان جي باوجود حڪومت عام ماڻهو جي حالت بهتر ڪرڻ لاءِ عوام دوست بجٽ پيش ڪئي. وزير اعظم گيلاني چيو ته پيپلز پارٽي هڪ وفاقي جماعت ۽ قومي اتحاد جي علامت آهي هن جماعت جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ڪافي قربانيون ڏنيون آهن. وزير اعظم يوسف رضا گيلاني چيو ته سرائيڪي صوبو اسان جي منشور جو حصو آهي منشور ڪميٽي جا ٻه اجلاس ٿي چڪا آهن اسان ماڻهن جي جذبن جو احترام ڪندا سين. ان موقعي تي وزير اعظم انتظاميه کي هدايت ڪئي آهي ته جرنلسٽس ڪالوني ملتان جي ڪم کي تيز ڪيو وڃي. هن چيو ته ملتان ۾ اخبار مارڪيٽ قائم ڪرڻ لاءِ به اخبار وڪرو ڪندڙن کي مناسب جڳهه ڏني ويندي. وزير اعظم چيو ته پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ملتان کي اپ گريڊ ۽ جديد سهولتن سان تيار ڪيو ويندو. وزير اعظم فوٽو جرنلسٽس ايسوسيئيشن ملتان لاءِ 10 لک روپين جي گرانٽ ۽ هر فوٽو گرافر کي هڪ اسٽل ڪيمرا ڏيڻ جوا علان ڪيو.

ٽيگس
Back to top button
Close