حيدر آباد

اڄ کان حيدر آباد جي کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ ھفتو ملھايو پيو وڃي

صوبائي وزير زبير احمد،صوبائي وزير زاھد علي ڀرڳڙي ۽ ٻيا صفائي جي ھفتي جي حوالي سان سيمينار کي خطاب ڪندي
حيدرآباد : ضلعي حڪومت حيدرآباد طرفان ايندڙ برسات کان اڳ برساتي نالن جي صفائي ، اسپتالن ، قبرستانن اڳيان حد دخلين هٽائڻ ، صفائي ڪرڻ ۽ شهر کي خوبصورت بنائڻ لاءِ اڄ کان 28 جون 2011 تائين صفائي جو هفتو ملهايو پيو وڃي جنهن جو افتتاح اڄ شهباز بلڊنگ حِيدرآباد ۾ ماهيگيري واري صوبائي وزير زاهد علي ڀرڳڙي ۽ ٻهراڙي جي ترقي واري صوبائي وزير زبير احمدخان ڪيو جڏهن ته ان موقعي تي متحده قومي موومينٽ جي سنڌ اسيمبلي جا ميمبر وسيم حسين، سهيل يوسف ، ڊي سي او حيدرآباد آفتاب احمد کتري پ پ پ جا اڳواڻ پاشا قاضي ،فياض شاهه ، عبدالجبار، سليم بخاري ، ۽ ٻيا پڻ موجود هئا .ان موقعي تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ماهيگيري واري صوبائي وزيرزاهد علي ڀرڳڙي چيو ته اتحادي حڪومت ۾ شامل سموريون ڌريون شهر حيدرآباد جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سنجيدگي سان قدم کڻي رهيون آهن جڏهن ته شهر جي صفائي سٿرائي واري ان مهم ۾ سمورين سياسي ،سماجي تنظيمن ۽ شهرين کي جو وڌ کان وڌ حصو وٺڻ گهرجي ته جيئن موجوده آلوده ماحول کان شهرين کي بچائڻ سان گڏوگڏ امڪاني سانوڻي جي برساتن کي منهن ڏئي سگهجي _ هن حيدرآباد ضلعي انتظاميه ۽ حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي کي هدايت ڪئي ته امڪاني برساتن کان اڳ ضلعي جي سمورن نالن جي صفائي کي يقيني بڻايو وڃي _ ان موقعي تي ڳالهائيندي ٻهراڙي جي ترقي واري صوبائي وزير زبير احمد خان چيو ته متحده قومي موومينٽ ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جا سربراهه ملڪي عوام جي بهتري ۽ بي مثال خدمت لاءِ هڪ ئي مشن تي عمل ڪندي ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي ڏانهن آڻي رهيا آهن _ هن چيو ته ٻنهي پارٽين جا اڳواڻ بنا ڪنهن فرق جي انساني خدمت کي ترجيح ڏئي رهيا آهن .هن حيدرآباد جي شهرين کي اپيل ڪئي ته اهي هن صفائي واري مهم ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺن _ بعد ۾ صوبائي وزير صفائي واري هفتي جو باقائده آغاز ڪيو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button