پرڏيھي خبرون

آءِ ايس آءِ ۽ حقاني نيٽ ورڪ ۾ لاڳاپن بابت ڪي به ثبوت ناهن: آمريڪا

واشنگٽن: آمريڪا چيو آهي ته آءِ ايس آءِ ۽ حقاني نيٽ ورڪ ۾ لاڳاپن بابت وٽن ڪي به ثبوت ناهن،جڏهن ته پاڪستان کي امداد جي فراهمي ٻنهي ملڪن جي قومي سلامتي جي مفاد ۾ آهي. واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران ڳالهائيندي آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان مارڪ ٽونر چيو ته پاڪستان کي ملندڙ امداد ان جي جمهوري ادارن جي تعمير ۽ انفرا اسٽرڪچر توڙي معيشت جي ترقي لاءِ آهي. هن چيو ته امداد جو وڏو حصو ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ڏنو ويو آهي،جڏهن ته امداد جي فراهمي سان پاڪستان وڌيڪ جمهوري ۽ مضبوط ملڪ بڻجي سگهي ٿو. آءِ ايس آءِ ۽ حقاني نيٽ ورڪ وچ ۾ لاڳاپن بابت سوال جي جواب ۾ پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته آءِ ايس آءِ ۽ حقاني نيٽ ورڪ ۾ لاڳاپن جي حوالي سان وٽن ڪي به ثبوت موجود ناهن،جڏهن ته آمريڪا پاڪستان سان گڏجي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪم جاري رکيو ويندو. مارڪ ٽونر جو چوڻ هو ته پاڪ آمريڪا لاڳاپا يقيني طور چيلينجز کي منهن ڏئي رهيا آهن،تنهن هوندي به ٻئي ملڪ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button