وفاقي سطح تي صنعتي پاليسي ٺاهڻ لاءِ سياستدان ۽ بيوروڪريٽ سان گڏ سمورين ڌرين کي شامل ڪيو وڃي : وزير رئوف صديقي
حيدرآباد : صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير رئوف صديقي چيو آهي ته متحده قومي موومينٽ طرفان صوبائي توڙي وفاقي حڪومت کي ايندڙ مالي سال 2012_2011 جي بجيٽ ۾ وڌ کان وڌ ترقياتي ڪمن لاءِ رقم مختص ڪرڻ جون تجويزون ڏنيون ويون آهن ته جيئن صوبي ۾ ترقياتي ڪم شروع ڪرائي هيٺين سطح تي روزگار ۽ خوشحالي جا موقعا پيدا ڪري سگهجن _ هن اهو به چيو ته سندس طرفان اها به تجويز پيش ڪئي وئي آهي ته وفاقي سطح تي صنعتي پاليسي ٺاهڻ لاءِ سياستدان ۽ بيوروڪريٽ سان گڏ سمورين ڌرين کي شامل ڪيو وڃي ته جيئن هڪ شفاف ۽ ڪاميابي صنعتي پاليسي جوڙِي سگهجي . هن اهڙو اظهار اڄ حيدرآباد جي علائقي پريٽ آباد ۾ واقع ايڪسپو سينٽر ۾ ٽن ڏينهن جي صنعتي نمائش جو افتتاح ڪرڻ جي موقعي تي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو _ صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته وفاقي توڙِي صوبائي سطح تي ترقياتي ڪمن لاءِ بجيٽ مختص ڪرڻ سان ترقياتي ڪم شروع ٿيندا ۽ هيٺين سطح تي عوام ۾ خوشحالي ايندي. هن وڌيڪ چيو ته صنعتي پاليسي تي مڪمل درآمد لاءِ سمورين ڌرين کي پابند بڻايو وڃي. هن چيو ته ملڪ ۾ توانائي جو وڏو بحران جنم وٺي ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي . هن چيو ته رهائشي علائقن ۾ لوڊ شيڊنگ جا خراب اثر پئجي رهيا آهن ۽ عام ماڻهو جي روزمره واري زندگي وڌيڪ متاثر ٿي رهي آهي .هن چيو ته توانائي جي متبادل ذريعن ڏانهن ڌيان ڏيڻ پڻ وقت جي اهم ضرورت بڻجي ويو آهي .هن چيو ته توانائي جي متبادل ذريعن واري ڪميشن جي سهڪار سان بهترتجويزون ۽ فيصلا ڪري عوام کي لوڊ شيڊنگ جي عذاب مان نجات ڏياري سگهجي ٿي . هڪ سوال تي هن چيو ته سنڌ ۾ سيڙپڪارن کي آزاد ۽دوستاڻو ماحول مهيا ڪيو پيو وڃي ۽ ايگرو انڊسٽريز کي هٿي وٺرائڻ لاءِ حڪومت ڪوششون ڪري رهي آهي ان سلسلي ۾ خيرپور، بدين ۽ ٻين ضلعن ۾ فيڪٽريون قائم ڪرڻ لاءِ سيڙپڪارن کي آسان شرطن تي زمين ۽ ٻيون گهربل سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن . هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته حيدرآباد جي صنعتي زون جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بنائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهن ۽ هتان جي صنعتڪارن کي سرڪاري زمين پڻ الاٽ ڪئي وئي آهي . هن واضح ڪيو ته حيدرآباد جي صعنتي يونٽن مان حاصل ٿيندڙ وصولي حيدرآباد جي صنعتي علائقي جي بهتري ۽ خوشحالي لاءِ ئي استعمال ڪئي ويندي . ايڪسپو سينٽر جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته حيدرآباد ۾ ايڪسپو سينٽر موجوده اقتصادي بحرانن واري حالتن ۾ واپاري طبقي لاءِ هڪ خوش آئنده قدم آهي جنهن سان واپاري ۽ صنعتي سرگرمين کي هٿي وٺرائي واپارين کي بهتر موقعا فراهم ڪري سگهجن ٿا . هن چيو ته سندس اها ڪوشش رهندي ته حيدرآبادسميت سنڌ جي ٻين علائقن ۾ اهڙيون نمائشون قائم ڪري صنعتي سرگرميون جاري رکيون وڃن. بعد ۾ صوبائي وزير ڊي سي او حيدرآباد آفتاب احمد کتري، آرگنائيزر ايڪسپو نمائش عظمه عمران ، شبانه شجاعت ۽ ٻين سان گڏ نمائش جو افتتاح ڪيو ۽ نمائش ۾ قائم ڪيل مختلف ڪمپنين جي 30 کان وڌيڪ اسٽالن جو پڻ دورو ڪيو