ٽنڊوالهيار

ملڪ کي آيل ماڻهن کي اڳتي اچي فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي اهم ضروت بڻجي چڪي آهي: سيد وسيم حسين

Altafٽنڊوالهيار : قائد تحريڪ الطاف حسين عوامي ريفرنڊم جي ذريعي ملڪ جو مستقبل پاڪستاني ماڻهن جي هٿن ۾ ڏيئي چڏيو. ان خيالن جو اظهار حق پرست ميمبر سنڌ اسمبلي سيد وسيم حسين ٽنڊوالهيار ۾ عوامي ريفرنڊم جي سلسلي ۾ لڳائيل مرڪزي ڪيپ جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائنيدي چيو ته ان موقعي تي ان سان گڏ ميمبر اندرون سنڌ تنظيمي ڪميٽي فاروق جميل دراني ۽ زونل انچارج سيد محمد علي شاھ ۽ زونل ڪميٽي به موجود هئي. انهن وڌيڪ چيو ته ملڪ کي آيل ماڻهن کي اڳتي اچي فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي اهم ضروت بڻجي چڪي آهي.قائد تحريڪ الطاف حسين اهم قومي امور تي فيصلي سازي جي عمل ۾ ماڻهن کي شامل ڪري عوامي سياست جو صحيح رخ سجي دنيا جي سامهون پيش ڪيو آهي. انهن وڌيڪ چيو ته ان مشڪل وقت ۾ معاشري جي هر ماڻهن کي پنهنجي ذميداري جو احساس ڪندي فيصلي سازي جو حصو بڻجڻو پوندو.عوامي ريفرنڊم جي ٻئي ڏينهن به وڪيلن، استادن، مختلف ليبريونينون جي وفدن ، سياسي سماجي شخصتين ۽ عوامي جي وڏي تعداد مرڪزي ڪيپ جو درو ڪيو۽ صورت حال جي متعلق پنهنجي رائي جو اظهار ڪيو. ان جي علاوه مختلف يونٽن جي ذميدارن گهرگهررابطه مهم جي ذريعي قائد تحريڪ الطاف حسين جي طرفان تيار ٿيل سوالنامو ماڻهن ۾ تقسيم ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو ،شهر ڀر ۾ عوامي ريفرنڊم جي متعلق سترهن سوال هر طبقي جي ماڻهن ۾ موضوع گفتگو بڻجي چڪو آهي. ۽ مختلف عمرمذهب قوميت ،پيشه ۽ سياستي وابستگي رکڻ واري عوامي ريفرنڊم جا سوال نامي ۾ موجود سوالن کي ملڪي مسئلن جي حل ۾ پيشرفت جي هڪ اهم ڪڙي اقرار ڏني وڃي پئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button