حيدرآباد : ضلعي ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد آفتاب احمد کتري صحت کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته ضلعي ۾ 9 مئي کان 11 مئي 2011 تائين ٽن ڏينهن واري هلندڙ پوليو خلاف مهم جي سئو سيڪڙو ڪوريج لاءِ سمورا اپاءُ ورتا وڃن ڇاڪاڻ ته اها بيماري ٻارڙن کي معذور بڻائي ڇڏي ٿي تنهنڪري قوم جي نئين نسل جي مستقبل سان ڪنهن کي به کيڏڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ ڪوتاهي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي . هو اڄ ضلع ناظم سيڪريٽريٽ حيدرآباد ۾ پوليو خلاف شروع ٿيندڙ مهم جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ سڏايل هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪري رهيو هو _ گڏجاڻي ۾ ٻين کان علاوه اي ڊي او صحت ڊاڪٽر بخش علي پتافي، ڊاڪٽر مسعود حسين جعفري ، ڊاڪٽر الطاف احمد کيڙو ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار موجود هئا _گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ضلعي ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد چيو ته ان بيماري بابت عوام ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ ۽ پنهنجن ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪندڙ والدين کي قائل ڪرڻ لاءِ هڪ حڪمت عملي جوڙي وئي _ ان موقعي تي گڏجاڻي کي ٻڌايو ويو ته 9 مئي کان شروع ٿيندڙ ٽن ڏينهن واري پوليو مهم دوران ضلعي جي پنجن سالن جي ڄمار تائين جي 314008 ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ لاءِ 673 گشتي ٽيمون، 90 مقرر مرڪز ۽ 32 ٽرانزٽ پوائنٽون قائم ڪيون ويون آهن جڏهن ته سڄي ضلعي ۾ تعلقي سطح تي 7 فوڪل پرسن، 25 زونل سپروائيزر، 156 ايرا انچارج مقرر ڪيا ويا آهن جيڪي ضلعي جي 52 يونين ڪائونسلن ۾ پوليو مهم جي نگراني ڪندا _ ان موقعي تي ضلعي ايڊمنسٽريٽر آفتاب احمد کتري سمورن واسطيدار عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو پوليو مهم کي ڪامياب بڻائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن..