ھندو برادري ۽ بي اقليتي برادريون پٺتي پيل علائقن ۾ رهندڙ غريب ۽ ابوجهه ماڻهن ۾ آدمشماري جي اهيمت بابت جاڳرتا پيدا ڪن: ھندو پنچائت
حيدرآباد: ينگ هندو پنچائت پاران اڄ سنڌ ميوزيم حيدرآباد جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ آدمشماري جي موضوع تي منعقد ڪيل ”آل سنڌ منارٽي ڪنوينشن“ ۾ مقررين پاران، هندن سميت ٻي اقليتي برادرين سان واسطو رکندڙ پڙهيل لکيل نوجوانن،۽ سماجي تنظيمن جي عهديدارن کي اپيل ڪئي وئي ته اهي 5 اپريل2011 کان شروع ٿيندڙ آدمشماري واري عمل ۾ پنهنجو مکيه ڪردار ادا ڪن ۽ خاص طور تي پٺتي پيل علائقن ۾ رهندڙ غريب ۽ ابوجهه ماڻهن ۾ آدمشماري جي اهيمت بابت جاڳرتا پيدا ڪن ۽ سنڌ ۾ رهندڙ هر هڪ ماڻهو توڙي هر هڪ گهرجي ڳڻپ کي يقيني بڻائين _ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مقررين موقف اختيار ڪيو ته مستقبل ۾ سنڌ جي وسيلن، ترقياتي منصوبه بندي ۽ روزگار جي حصي جو دارو مدار ايندڙ آدمشماري تي آهي جنهن لاءِ اهو ضروري آهي ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ هر برادري جا سرواڻ پنهنجي راڄ جي هر ننڍي وڏي ماڻهو توڙي هرگهر جي ڳڻپ کي يقيني بڻائين ۽ ان معاملي ۾ ڪنهن به قسم جي سستي نه ڪن _ مقررين ان ڳالهه جو به اظهارڪيو ته ماضي ۾ ٿيندڙ آدمشمارين ۾ سنڌ سان ويساهه گهاتيون ڪيون ويون آهن _ ينگ هندو پنچائت پاران ڪوٺايل ان ڪنوينشن ۾ سنڌ جي هندو برادري سان ٿيندڙ زيادتين جي مذمت ڪندي اهو مطالبو ڪيو ويو ته اقليتي برادرين سميت سڀني ٻين برادرين جي جان ۽ مال جي حفاظت جو جوڳو بندوبست ڪيو وڃي ۽ امن امان جي صورتحال خراب ڪندڙ ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي_ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ايم اين اي ڪرشن چند پارواڻي چيو ته جيتوڻيڪ سنڌ جا ماڻهو سنڌ ۾ رهندڙ هندن سميت ٻين مذهبن جي ماڻهن کي پنهنجي برابرسمجهن ٿا پر حقيقت اها ئي آهي ته هتي هندن سميت ٻيون اقليتي برادريون ٿورڙائي ۾ آهن ۽ ٿورڙائي ۾ ئي رهنديون پر اها به حقيقت آهي ته اقليتي ماڻهو به مسلمانن وانگر محب وطن ۽ سچا پاڪستاني آهن _هنن سنڌ ۾ ڌاڙيلن، ڀتاخورن ۽ ڀنگ لاءِ اغوا جي وڌندڙ ڪارواين جي سخت مذمت ڪندي چيو ته اهڙين وارداتن سان معاشري جي هر فرد ۾ عدم تحفظ جو احساس پيدا ٿي ويو آهي جيڪو ڪو سٺو سنئون نه آهي _ هن اقليتي پڙهيل لکيل نوجوانن تي زور ڀريو ته هو ٿيندڙ آدمشماري واري عمل ۾ ڀرپور حصو وٺن ۽ پنهنجي گهرن ۽ ماڻهن جي صحيح ڳڻپ ڪرائين ڇاڪاڻ ته صوبي جي ترقي جو دارومدار شفاف آدمشماري تي ٻڌل آهي _ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽيِ جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ايندڙ آدمشماري وارو مرحلو سنڌي قوم لاءِ چيلينج آهي ان لاءِ اسان سڀني گهڻ گهرين کي گهرجي ته اهي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سنڌ جي هر هڪ ماڻهو ۽ هر هڪ گهر جي ڳڻپ کي يقني بڻائين ٻي صورت ۾ سندن سنڌ دوست پرستي واري دعويٰ وائکي ٿي ويندي_ هن چيو ته سنڌين جي وجود ۽ سنڌي ٻولي کي بچائڻو آهي ته اسان کي ايندڙ آدمشماري واري مرحلي ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي حڪومتي مشينري جو هٿ ونڊرائڻ گهرجي ته جيئن صاف ۽ شفاف آدمشماري ٿي سگهي جڏهن ته مالي جي وسيلن جي ورڇ، روزگار ۽ ٻين ترقياتي رٿائن جي حصي جو آڌار به ان آدمشماري سان لاڳاپيل آهي _هن چيو ته جيتوڻيڪ سنڌ ۾ اقليتي برادرين کي اسان پنهنجي برابر ۽ هن ڌرتي جو اصل وارث سمجهون ٿا پر تنهن هوندي به گهر شماري جي قومي عمل ۾ اسان سڀني کي گڏجي ڪردار نڀائڻو پوندو . ان موقعي تي سنڌ جي ڏاهي ولي رام ولڀ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو جو اهو فرض آهي ته هو آدمشماري دوران پنهنجي ٻولي سنڌي لکرائين ۽ جيڪڏهن ڪنهن به ٻي ٻولي لکرائي ته اهي سنڌي نه ليکبا ۽ ائين ڪرڻ سان سنڌ پنهنجي جائز حق کان محروم رهجي ويندي _ڪنوينشن کي خطاب ڪندي سنڌ جي سينيئر صحافي ۽ تجزيه نگار سترام مهيشوري چيو ته سنڌ جي هر هندو نوجوان توڙيِ مسلمانن کي پنهنجن پنهنجن علائقن جي اڻ پڙهيل ۽ اٻوجهه ماڻهن ۾ ان عمل بابت آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي _ هن چيو ته هندو هن ڌرتي جا سچا سپوت ۽ وفادار آهن ۽ اهي پڻ مسلمانن وانگر سنڌ جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن_ ان موقعي تي اشوڪ شرما ڪنوينيشن کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏيرن کي اپيل ڪئي ته اهي پاڻ وٽ ڪم ڪندڙ ماڻهن جي پڻ آدمشماري ۽ گهر شماري ۾ رجسٽريشن ڪرائين ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ ماضي م ٿيل آدمشماري ۾ ڪيترائي ماڻهو پنهنجي رجسٽريشن ڪرائڻ کان رهجي ويا هئا_ تقريب کي امرسنڌو، جئه پرڪاش، ڊاڪٽر دليپ ڪماردولتاڻشي، وسنداس باگڙي، ميرچندڀيل ، جئه ڪمارڌيراڻي، آڪاش سنتورائي، ڀوري لعل ڪولهي، روبي ڌرمداس ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.